اسلام آباد – 25 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪويت جي قومي ڏينهن ۽ آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪويت جي امير شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح، ولي عهد شيخ صباح الخالد الحماد الصباح، وزيراعظم عبدالله الاحمد الصباح ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ چيو آهي ته هو ڪويت جي امير شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح ۽ وزيراعظم شيخ عبدالله الاحمد الصباح کي ۽ ڪويت جي حڪومت کي ڀائر رياست جي قومي ڏهاڙي ۽ آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي دلي مبارڪباد پيش ڪري ٿو. هن چيو ته هن خوشي جي موقعي تي اسان غيرملڪي جارحيت کان پنهنجي آزادي جو جشن ملهائڻ ۾ ڪويت جي عوام سان گڏ آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڪويت جا ٻطرفا لاڳاپا اسان جي گڏيل تاريخ، مذهب ۽ ثقافت تي ٻڌل آهن. اسان هر مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل آهيون. اسان پنهنجي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين پهچائڻ، گڏيل طور تي لاڀائتي تعاون کي وڌائڻ ۽ علائقائي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪويت جي قيادت سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.