اسلام آباد – 24 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز جرمني جي چونڊن ۾ ڪرسچين ڊيموڪريٽڪ يونين (سي ڊي يو) ۽ ان جي اتحادي پارٽي ڪرسچين سوشل يونين (سي ايس يو) جي ڪاميابي تي سي ڊي يو جي سربراهه فريڊرڪ ميرس کي مبارڪباد ڏني آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هو پاڪستان ۽ جرمني جي وچ ۾ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ نئين حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي.