رياض – 19 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سعودي ميڊيا گروپ جي اهتمام هيٺ ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن ۾ شرڪت ڪئي. ٽن ڏينهن واري ڪانفرنس 19 کان 21 فيبروري تائين رياض ۾ منعقد ٿي رهي آهي. افتتاحي سيشن ۾ سڄي دنيا مان عالمي اڳواڻن سميت ميڊيا سان تعلق رکندڙ اهم شخصيتون شريڪ آهن. ڪانفرنس ۾ سعودي عرب جي توانائي وارو وزير شهزاده عبدالعزيز بن سلمان ال سعود پڻ شريڪ آهي. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي برطانيا جي اڳوڻي وزيراعظم بورس جانسن سميت ٻين اهم شخصيتن سان پڻ ملاقات ٿي. واضح رهي ته سعودي ميڊيا فورم ۾ ميديا پروڊڪشن، ڊيجيٽل جرنلزم ۽ مواد سازي بابت طريقا ڳوليا ويندا. ڊيجيٽل دور ۾ ميديا، ڊيجيٽل ٽرانسفارميشن ۽ مالياتي استحڪام جي لاءِ نئين بزنس ماڊلز جو جائزو ورتو ويندو. ميڊيا فورم ۾ فيڪ نيوز، عوامي اعتماد جي بحالي ۾ ميڊيا ادارن جي ڪردار بابت حڪمت عملي تي پڻ غور ٿيندو. فورم ۾ آرٽيفيشل انٽيلي جنس، صحافت جو مستقبل، ميڊيا اڪنامڪس، ڊيجيٽل نظام، مس انفارميشن، انٽرٽينمينٽ انڊسٽري، ڊيجيٽل اسٽريمنگ جهڙن اهم موضوعن تي مباحثا پڻ ٿيندا.