اسلام آباد – 19 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ بحرين جا ڀائراڻا لاڳاپا انتهائي مضبوط ۽ گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ ثقافت تي ٻڌل آهن، عوامي رابطن جي فروغ جي لاءِ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا انتهائي اهم آهي، پاڪستان، بحرين ۽ مسلمان امت غزه ۽ فلسطين ۾ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن جي امداد جي لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز ڪن. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بحرين جي مجلس النواب (ڪائونسل آف ريپريزنٽيٽيوز) جي اسپيڪر احمد بن سلمان ال مسالم جي قيادت ۾ 11 رڪني پارلياماني وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم بحران جي فرمانروا احمد بن عيسيٰ بن سلمان الخليفه جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ بحرين جا ڀائراڻا لاڳاپا انتهائي مضبوط ۽ گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ ثقافت تي ٻڌل آهن. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ عوامي رابطن جي استحڪام جي لاءِ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا انتهائي اهم آهي، اهڙن قدمن سان گڏيل لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف بحرين جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت پڻ ڏني. هن چيو ته بحرين ۾ موجود پاڪستاني مختلف شعبن ۾ انتهائي اهم خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. وزيراعظم پاڪستان ۽ بحرين جي موجوده واپاري ڪاٿي کي وڌيڪ وڌائڻ تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان، بحرين ۽ پوري مسلمان امت غزه ۽ فلسطين ۾ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن جي امداد جي لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز ڪن. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق، خاص معاون طارق فاطمي ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار پڻ موجود هئا.