اسلام آباد – 19 – فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اڳوڻي وزير ۽ سينيئر سياستدان نواب محمد يوسف ٽالپر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر مرحوم نواب يوسف ٽالپر جي سياسي خدمتن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ سندس وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري سوڳوارن سان همدرديءَ جو اظهار ڪندي مرحوم جي مغفرت جي لاءِ دعا ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.