اسلام آباد – 18 – فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سي پي سي سينٽرل ڪميٽي جي سياسي بيورو جي ميمبر ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي وزارتي اجلاس ۾ شريڪ چين جي پرڏيهي معاملن واري وزير وانگ يي سان نيويارڪ ۾ سائيڊ لائين ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري پڌرائي موجب ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات روايتي گرمجوش ۽ خوشگوار ماحول ۾ ٿي جيڪا پاڪستان چين دوستي جي علامت آهي. ملاقات دوران ڌرين سي پيڪ سميت وسيع گڏيل لاڳاپن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي گڏيل دلچسپي جي عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پاڪ چين ٻطرفي لاڳاپن جي مثبت رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته چين سان دوستي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو سنگ بنياد آهي ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي هڪ متفقه سوچ آهي. بنيادي معاملن تي چين جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جي تصديق ڪندي نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ چين جو گڏيل تعاون علائقائي امن ۽ استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ اهم آهي. ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار سميت پاڪستان جي سالميت، خودمختياري ۽ بنيادي معاملن جي حمايت جي لاءِ چين جا ٿورا مڃيندي نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار پاڪ چين تعاون ۽ حصيداري ۾ وڌيڪ اضافي جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جي توثيق ڪئي. پرڏيهي وزير وانگ يي پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته چين پنهنجي پرڏيهي پاليسي ۾ پاڪستان کي هڪ خاص اهميت ڏني آهي جنهن ۾ سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر جي حيثيت سان ان جو ڪردار پڻ شامل آهي. هن چيو ته چين اهم بنيادي معاملن ۽ سماجي ۽ معاشي ترقي تي پاڪستان جي مضبوطي سان حمايت ڪندو رهندو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن جي قيادت جي ويزن ۽ رهنمائي تحت ۽ عوام جي امنگن موجب چين ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفادن جي تحفظ جي لاءِ پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن ۾ اضافي جو عمل جاري رکندو. ڌرين سي پيڪ جي فيز 2 تي تيز عملدرآمد تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ سي پيڪ جي مستحڪم ترقي تي اطمينان جو اظهار پڻ ڪيو. هنن گڏيل فائدن کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ سي پيڪ تحت تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اهم معاملن تي ويجهي اسٽريٽجڪ رابطن ۽ هم آهنگي کي برقرار رکڻ ۽ گهڻ رخي فورمز تي ٻطرفي تعاون جي فروغ تي پڻ اتفاق ڪيو.