اسلام آباد-18 فيبروري (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان پاڪستان جاپان بزنس فورم (پي جي بي ايف) جي وفد واپار واري وزارت ۾ ملاقات ڪئي. واپار واري وزارت مان جاري پڌرائيءَ موجب ملاقات ۾ پي جي بي ايف جي وفد جي اڳواڻي چيئرمين پي جي بي ايف مرتضيٰ وائي مندوي والا ڪئي. وفد واپار واري وزير کي فورم جي سرگرمين بابت آگاهه ڪيو ۽ پاڪستان- جاپان گڏيل بزنس ڊائلاگ جي بندوبست ڪرڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پي جي بي ايف جي قيادت گڏيل حڪومتي ۽ واپاري ڳالهين ۾ مڪمل سهڪار ۽ حمايت جي خاطري ڪرائي. چيئرمين پي جي بي ايف گڏيل ڳالهين سان گڏوگڏ بزنس ٽو بزنس ميٽنگز رٿڻ جي فورم جي منصوبي کان به آگاهه ڪيو. واپار واري وزير فورم جي قدمن جي آجيان ڪئي ۽ حڪومت جي جاپان سان ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي پُختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. واپار واري وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڪاروباري برادري ٻه طرفن ناتن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. وفد کي لاهور ۾ رٿيل پهرين فوڊ ايگ مينيوفيڪچرنگ بابت به آگاهه ڪيو ويو. ٻنهي ڌُرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ٻه طرفن ناتن کي آٽو موبائل سيڪٽر کي اڳيان وڌائيندي گڏيل شعبن ۾ سيڙپڪاري ۽ سهڪار کي هٿي ڏني وڃي.