اسلام آباد-18 فيبروري (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت خرچن ۾ گهٽتائي ڪري عوامي ڀلائي جي ڪمن کي ترجيح ڏئي رهي آهي، رائٽ سائزنگ سان حڪومتي خرچن ۾ واضح گهٽتائي ايندي، 3 کان 5 سالن ۾ روانگي واپار کي 30 ارب مان وڌائي 60 ارب ڊالرن تائين وٺي وڃڻ چاهيون ٿا. اها ڳالهه هن الشرق ۽ بلومبرگ کي ڏنل انٽرويو ۾ چئي. ناڻي واري وزير چيو ته ملڪي روانگي واپار ۾ واڌ لاءِ جامع قدم کنيا پيا وڃن، ايندڙ 3 کان 5 سالن ۾ روانگي واپار کي 30 ارب ڊالرن مان وڌائي 60 ارب ڊالرن تائين ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته گذريل 12 کان 14 مهينن ۾ معيشت جي بهتريءَ لاءِ اڳڀرائي ٿي آهي، مُک معاشي اهڃاڻ صحيح رُخ طرف گامزن آهن، حڪومت مهانگائي ۽ وياج جي شرح ۾ گهٽتائيءَ لاءِ اهم فيصلا ڪيا جڏهن ته پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا مستحڪم ڪيا ويا. وفاقي وزير چيو ته نجڪاريءَ جي عمل کي وڌيڪ تيز ۽ سرڪاري ادارن ۾ سڌارن جو عمل جاري رکنداسين، سرڪاري ادارن جا نقصان گهٽ ڪرڻ لاءِ رائٽ سائزنگ ڪري رهيا آهيون جنهن سان حڪومتي خرچن ۾ واضح گهٽتائي ايندي. ناڻي واري وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف پائيدار ۽ مستحڪم اقتصادي ترقي چاهي ٿو، حڪومت ڊبل ڊجيٽ خساري کي ڪنٽرول ڪيو، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ۽ مالياتي خسارو سر پلس ۾ آيو آهي. هن چيو ته واپار کي هٿي ڏيڻ ۾ پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، پاڪستان خطي ۾ واپاري ڀائيواري وڌائڻ چاهي ٿو، خطي ۾ واپار کي هٿي ڏيڻ سان پاڪستان جي روانگي واپار ۾ واڌ ممڪن آهي.