پشاور- 04 فيبروري (اي پي پي) پشاور هاءِ ڪورٽ جي 10 نون ايڊيشنل ججن عهدن جو حلف کڻي ورتو. پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اشتياق ابراهيم نون ايڊيشنل ججن کان حلف ورتو. حلف برداري جي تقريب پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ منعقد ٿي. جسٽس طارق آفريدي، جسٽس عبالفياض، جسٽس فرح جمشيد، جسٽس انعام الله، جسٽس ثابت الله خان، جسٽس صلاح الدين، جسٽس صادق علي ۽ جسٽس مدثر امير حلف کنيو. جسٽس اورنگزيب ۽ جسٽس قاضي جواد احسان به ايڊيشنل جج طور حلف کڻڻ وارن ۾ شامل آهن. نون ايڊيشنل ججن جي حلف کڻڻ کانپوءِ پشاور هاءِ ڪورٽ جي ججز جو انگ 23 ٿي ويو. جوڊيشل ڪميشن پشاور هاءِ ڪورٽ لاءِ 10 نون ايڊيشنل ججز جي منظوري ڏني هئي.