اسلام آباد – 04 – فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چين جي دوري جي لاءِ اسلام آباد کان روانو ٿي ويو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر 4 کان 8 فيبروري تائين چين جي دوري جي لاءِ وفد سان گڏ اسلام آباد کان روانو ٿيو، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، سينيٽر سليم مانڊوي والا ۽ ڊاڪٽر عاصم حسين پڻ صدر سان گڏ آهن. صدر بيجنگ ۾ چين جي اعليٰ سطح جي سياسي قيادت سان ملاقاتون ڪندو. صدر پنهنجي چيني هم منصب شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪيانگ سان پڻ ملاقات ڪندو. صدر جو چين جو دورو ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، هي دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفو اقتصادي ۽ واپاري تعاون وڌيڪ وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. ملاقاتن دوران پاڪ چين اقتصادي لنگهه، عالمي رابطن ۽ سيڪيورٽي تعاون سميت اهم ٻطرفي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.