سرينگر- 04 فيبروري (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڀارت جي غير قانوني قبضي سبب آزادي لاءِ ڪشميرين جي جائز ۽ حق تي ٻڌل جدوجھد کي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکڻ تي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت جو شڪريو ادا ڪيو آھي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي غير قانوني طور تي نظربند چيئرمين مسرت عالم بٽ نئين دھلي جي تھاڙ جيل مان جاري ھڪ پيغام ۾ ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد جي مسلسل حمايت ڪرڻ تي پاڪستان جي آجيان ڪئي. ھن چيو ته ڪشمير جي مظلوم عوام کي بدترين ڀارتي ظلمن کي منھن ڏيڻو پھجي رھيو آھي، 10 لک کان وڌيڪ ڀارتي فوج والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جون سخت ڀڃڪڙيون ڪري رھي آھي. ھن عالمي برادري تي زور ڀريو ته ھو ڪشميرين جي حالت کي انساني ھمدردي جي نگاھه سان ڏسن. حريت جي اڳواڻن سرينگر ۾ پنھنجي بيانن ۾ ھر سال 5 فيبروري تي يڪجھتي جو ڏھاڙو ملھائڻ تي پاڪستان جي آجيان ڪئي. سندن چوڻ آهي ته پاڪستان ڪشمير جي تڪرار جي اھم ڌر طور قومي ۽ عالمي سطح تي ڊگھي عرصي سان پراڻي تڪرار جي پرامن حل لاءِ مخلص ڪوششون ڪري رھيو آھي. انھن چيو ته پاڪستان ھڪ ذميوار ايٽمي طاقت طور گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺھرائن مطابق ڪشمير جي مسئلي جي واحد جمھوري ۽ پرامن حل طور خوداراديت واري حق جي حمايت ڪري ٿو. انھن ڪشميرين جي آزادي جي جدو جھد جي مسلسل حمايت جي اڻ ٽٽ عزم تي پاڪستان جو شڪريو ادا ڪيو. ٻئي پاسي حريت ڪانفرنس آزاد ڄمون ڪشمير شاخ جي اڳواڻن سميت ٻين مظفرآباد ۾ پريس بريفنگ ۾ ڪشمير جي حمايت ڪرڻ تي پاڪستان جي ڪردار کي ساراھيو. انھن چيو ته 5 فيبروري تشڪر جي ڏينھن طور تي ملھايو ويندو ته جيئن ڄمون ڪشمير جي عوام لاءِ پاڪستان جي اڻ ٽٽ عزم ۽ قربانين جو اعتراف ڪري سگھجي. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڪشمير شاخ جي ٻين اڳواڻن اسلام آباد مان جاري ڪيل پنھنجي بيانن ۾ ۽ ڪشمير ڪائونسل اي يو ڪي چيئرمين علي رضا سيد، برسلز مان جاري ھڪ بيان ۾ چيو ته پاڪستان ھميشه ڪشميري عوام جي خواھشن ۽ گڏيل قومن کان لاڳاپيل ٺھرائن مطابق ڪشمير جي مسئلي جي حل جي حمايت ڪئي آھي. انھن چيو ته ڪيترن چيلنجز باوجود ڄمون ڪشمير سان لاڳاپيل پاڪستان جو موقف اڻ ٽٽ آھي ۽ پاڪستان عالمي فورمز تي ڪشمير جي حمايت جاري رکي آھي. حريت قيادت ۽ ڄمون ڪشمير جي عوام خوداراديت واري حق جي منصفاڻي جدوجھد ۾ مسلسل حمايت تي پاڪستان جو دل سان شڪريو ادا ڪيو.