اسلام آباد – 04 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پوري قوم 5 فيبروري اربع ڏينهن ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو ڀرپور مظاهرو ڪندي، آزادي جي تحريڪ ۾ ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهيون، حڪومت جي معاشي قدمن جي ڪري مهانگائي 9 سالن جي گهٽ ترين سطح تي اچي وئي آهي، سموريون توانائيون معاشي واڌويجهه جي شرح جي لاءِ لڳائينداسين، سعودي عرب پاران تيل جي ادائيگي ملتوي جي سهولت جي لاءِ انهن جا ٿورائتا آهيون، چئني صوبن ۾ زرعي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي منظوري سان آءِ ايم ايف جو مطالبو پورو ٿي ويو، زرعي ٽيڪس وقت جي ضرورت آهي، يوٽيلٽي اسٽورز کانسواءِ رمضان پئڪيج آندو ويندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙو قومي جذبي سان ملهايو ويندو، آزادي جي تحريڪ ۾ اسان ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهيون ۽ خيبر کان ڪراچي تائين پاڪستان جي عوام ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي. وزيراعظم نئين سال جي شروعات تي مهانگائي جي شرح وڌيڪ گهٽ ٿيڻ تي وفاقي ڪابينا جي ميمبرن خاص طور تي فنانس ٽيم کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته جنوري 2025ع ۾ مهانگائي جي شرح وڌيڪ گهٽ ٿي 2.4 سيڪڙو تي اچي چڪي آهي، مهانگائي 9 سالن جي گهٽ ترين سطح تي ٿيڻ جي آجيان ڪريون ٿا. سال 2024ع جي شروع ۾ مهانگائي جي شرح 28.73 سيڪڙو هئي، ڊسمبر 2024ع ۾ مهانگائي 4.1 سيڪڙو تائين گهٽ ٿي، مهانگائي جي شرح جي لاڳيتو گهٽ ٿيڻ انتهائي خوش آئنده آهي. وزيراعظم چيو ته کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ گهٽتائي سان عام ماڻهو کي ريليف ملي رهيو آهي، پاڪستان معاشي استحڪام کانپوءِ هاڻي معاشي ترقي جي راهه تي گامزن آهي. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب جيڪو پاڪستان جو ويجهو ڀائر ملڪ آهي ۽ پاڪستان جي لاءِ نيڪ خواهشون رکي ٿو. سعودي وفد گذريل ڏينهن پاڪستان جو دورو ڪيو، سعودي عرب تيل جي درآمد تي هڪ سال جي لاءِ 1.2 ارب ڊالر ادائيگي ملتوي جي سهولت جو وقت وڌائي ڇڏيو آهي. ادائيگي ملتوي جي سهولت جي لاءِ سعودي عرب جا ٿورائتا آهيون، ان سان اسان جي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن کي سگهه ملندي ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم پاڪستان ۽ سعودي فنڊ فار ڊيولپمينٽ جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ٺاهن کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته سعودي فنڊ سان مانسهره ۾ واٽر سپلاءِ اسڪيم جي لاءِ 4 ڪروڙ 10 لک ڊالر جي منصوبي تي صحيحون ٿيون آهن. ان کانسواءِ 4 ڪروڙ ڊالر جي لاڳت سان ڪنگ سلمان اسپتال پڻ تعمير ڪئي ويندي. وزيراعظم زرعي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي منظوري تي چئني صوبن جا ٿورا مڃيندي چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان به زرعي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اهڙي طرح آءِ ايم ايف جو زرعي ٽيڪس جو مطالبو پورو ٿي ويو آهي. زرعي ٽيڪس وقت جي گهرج آهي، پنجاب سڀ کان پهرين اهو ڪم ڪيو. وزيراعظم چئني وڏن وزيرن جا ٿورا مڃيا جن وفاق پاڪستان سان گڏجي پاڪستان جي وڏي ذميواري جي ادائيگي جي لاءِ فيصلا ڪيا. هن صدر آصف علي زرداري، اڳوڻي وزيراعظم ميان محمد نواز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري جا پڻ ٿورا مڃيا. وزيراعظم قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت کي هدايت ڪئي ته يوٽيلٽي اسٽورز کانسواءِ رمضان پئڪيج تيار ڪيو وڃي ته جيئن ڪرپشن ۽ خراب مال جون شڪايتون ٻيهر سامهون نه اچن. وزيراعظم چيو ته ڪيترائي مهينا اڳ ۾ مون هدايت ڪئي هئي ته اهو معاملو اڳ وانگر نٿو هلي سگهي. گذريل رمضان ۾ بي پناهه شڪايتون هيون ان جي لاءِ هاڻي مائنس يوٽيلٽي اسٽور اسڪيم آندي ويندي. وزيراعظم چيو ته پليو جي خاتمي جي مهم ٻيهر شروع ٿي چڪي آهي، صوبن سان گڏجي ڀرپور طريقي سان پوليو جي خاتمي جي لاءِ مهم هلائي پئي وڃي. وزيراعظم جمرود ۾ پوليو جي خاتمي جي ٽيم تي حملي جي واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو جنهن ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿيو. وزيراعظم ڪابينا کي ٻڌايو ته هو گذريل ڏينهن ڪوئيٽا جي دوري تي هو. قلات ۾ هڪ ڪارروائي دوران 23 خوارج کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو، خوارج سان وڙهندي 18 جوانن شهادت ماڻي. وزيراعظم ٻڌايو ته هن زخمي سيڪيورٽي اهلڪارن جي عيادت ڪئي، انهن جا حوصلا بلند هئا. وزيراعظم چيو ته جوانن جي ملڪ جي لاءِ قرباني جي جذبي ۽ پختي عزم جي پوري قوم معترف آهي، ملڪ ۽ قوم جي لاءِ قربانيون ڏيندڙ قوم جا هيرو آهن، پاڪ فوج ۽ عوام دهشتگردي جي ناسور جي مڪمل خاتمي جي لاءِ گڏ آهن. وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ دهشتگردن کي ڇڏڻ جا فاش غلطي ۽ فيصلي جو نتيجو ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي، پاڪ فوج، ايف سي، رينجرز ۽ پوليس جا جوان جيڪي قربانيون ڏئي رهيا آهن اهي تاريخ ۾ سنهري لفظن ۾ لکيون وينديون.