ڪوئيٽا – 03 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگرد بلوچستان جي امن، ترقي ۽ خوشحالي جا دشمن آهن، شرپسند عنصرن جون بزدلاڻيون ڪارروايون صوبي جي ترقي جي عزم کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن، سي پيڪ جي تڪميل تي ڪم تيزي سان جاري آهي، گوادر بندرگاهه وچ ايشيا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۽ باقي دنيا جي وچ ۾ پاڪستان کي رابطي جو اهم ذريعو بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. اهڙو اظهار وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال تي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صوبي جي امن امان جي صورتحال، ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي ۽ ٻين اهم صوبائي معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، بجلي واري وفاقي وزير اويس لغاري، قومي اسيمبلي ميمبر جمال ڪاڪڙ، بلوچستان جي گورنر شيخ جعفر خان مندوخيل، بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي، صوبائي وزير محمد سليم کوسا ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته دهشتگرد بلوچستان جي امن، ترقي ۽ خوشحالي جا دشمن آهن. دهشتگرد نه ٿا چاهين ته بلوچستان جا ماڻهو خوشحال، نوجوان تعليم يافته ۽ برسر روزگار هجن. بلوچستان جو ترقي جو سفر جاري رهندو. وزيراعظم چيو ته شرپسند عنصرن جون بزدلاڻيون ڪارروايون حڪومت جي بلوچستانجي ترقي جي عزم کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. بلوچستان جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. بلوچستان ۾ صحت ۽ تعليم جي معياري سهولتن، روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. تازو ئي چين ۾ زرعي شعبي جي جديد تربيت جي لاءِ موڪليا ويندڙ شاگردن ۾ بلوچستان جي شاگردن جي خصوصي ڪوٽا رکي وئي آهي. وزيراعظم چيو ته يوٿ پروگرام، وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم جي ذريعي بلوچستان جي شاگردن کي بااختيار بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته بلوچستان ۾ زراعت جي ترقي جي لاءِ زرعي ٽيوب ويلن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪيو ويو آهي. الله جي فضل ۽ ڪرم سان سي پيڪ جي تڪميل تي ڪم تيزي سان جاري آهي. گوادر ايئرپورٽ تي اڏامن جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي. گوادر بندرگاهه وچ ايشيا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۽ باقي دنيا جي وچ ۾ پاڪستان کي هڪ اهم رابطو بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. وزيراعظم چيو ته عسڪري قيادت، سپهه سالار ۽ فوج پاڪستان حڪومت سان گڏجي پرامن بلوچستان جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيا آهن. مون سميت پوري قوم بلوچستان جي امن جي لاءِ ڪوششون ڪندڙ سيڪيورٽي فورسز، پوليس ۽ ضلعي انتظاميا ۽ ٻين ادارن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي.