ڪوئيٽا – 03 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهتو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪوئيٽا پهچڻ تي بلوچستان جي گورنر شيخ جعفر خان مندوخيل ۽ وڏي وزير مير سرفراز احمد بگٽي وزيراعظم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم ڪوئيٽا ۾ گذريل ڏينهن قلات ۾ دهشتگردن جي خلاف آپريشن ۾ بهادري سان وڙهندي زخمي ٿيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن جي عيادت ڪندو. وزيراعظم جي ڪوئيٽا ۾ صوبائي قيادت سان ملاقات پڻ ٿيندي ۽ کيس امن امان جي حوالي سان بريفنگ پڻ ڏني ويندي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، بجلي وارو وفاقي وزير اويس لغاري پڻ وزيراعظم سان گڏ هُئا.