اسلام آباد – 03 – فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري عوامي جمهوريه چين جي صدر شي جن پنگ جي دعوت تي 4 کان 8 فيبروري تائين چين جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب دوري دوران صدر بيجنگ ۾ صدر شي جن پنگ، وزيراعظم لي ڪيانگ ۽ ٻين سينيئر چيني اڳواڻن سميت چيني قيادت سان ملاقاتون ڪندو. بيان موجب ڳالهه ٻولهه م اقتصادي ۽ واپاري تعاون تي خاص ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ دهشتگردي جي خاتمي ۽ سيڪيورٽي تعاون، چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) ۽ مستقبل جي رابطي جي قدمن بابت پاڪ چين لاڳاپن جي مڪمل دائره ڪار جو جائزو ورتو ويندو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ٻئي ڌريون عالمي ۽ علائقائي جاگرافيائي سياسي منظرنامي ۽ گهڻ رخي فورمز تي ٻطرفي تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون. چيني حڪومت جي خصوصي دعوت تي صدر چين جي صوبي هيلونگ جيانگ جي شهر هاربن ۾ نائين ايشين ونٽر گيمز جي افتتاحي تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندو. اهو دورو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جي روايت کي اجاگر ڪري ٿو جيڪو ٻنهي ملڪن جي هر موسمي اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گهري وابستگي جي عڪاسي ڪري ٿو. اهو بنيادي مفادن، سي پيڪ سميت اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي اڳتي وڌائڻ ۽ علائقائي امن، ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ گڏيل تعاون جو ورجاءُ ڪري ٿو.