اسلام آباد – 03 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخواهه جي علائقن بڪر آباد ۽ جمرود ۾ پوليو ٽيمن تي حملن جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته سمورين رڪاوٽن جي باوجود پوليو جي خاتمي واري مهم ڀرپور عزم سان جاري رهندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پوليو ٽيمن تي حملن ۾ حفاظت تي مقرر پوليس اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي مغفرت ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر ۽ حوصلي جي دعا ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته پنهنجي جان جوکم ۾ وجهي ملڪ مان پوليو جي مرض جي خاتمي جي مهم جو حصو بڻجندڙ پوليو ورڪرز کي پوري قوم سلام پيش ڪري ٿي. پوليو ٽيمن ۽ انهن جي حفاظت تي مقرر سيڪيورٽي اهلڪارن جون قربانيون هرگز رائيگان نه وينديون. وزيراعظم چيو ته سمورين رڪاوٽن جي باوجود پوليوجي خاتمي واري مهم ڀرپور عزم سان جاري رهندي، اسان ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون.