اسلام آباد – 03 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ايران جي گادي واري شهر تهران ۾ منعقد اقتصادي تعاون تنظيم جي سڌارن ۽ خطي ۾ تعاون جي امڪانن بابت اعليٰ سطحي ڪميٽي ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب اعليٰ سطحي ڪميٽي ۾ پرڏيهي سيڪريٽري اي سي او سڌارن بابت اهم معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته اي سي او کي جامع سڌارن جي ضرورت آهي جنهن ۾ مالياتي ۽ بجيٽ جي معاملن، سيڪريٽريٽ جي ڪارڪردگي ۾ اضافي، ڀرتي جي موثر پاليسي ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن تي غور فڪر شامل آهي. پرڏيهي سيڪريٽري تنظيم جي باني ميمبر هجڻ جي ناطي علائقائي رابطن ۽ واپار جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته پاڪستان اي سي او واپاري معاهدي (اي سي او ٽي اي) جي جلد لاڳو ڪرڻ کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ هو سمورن ميمبر ملڪن تي زور ڏيندو ته اهي اي سي او ٽي اي جي جلد کان جلد لاڳو ڪرڻ ۾ ان معاملي تي وسيع تر ۽ وڌيڪ جامع موقف اختيار ڪن. پرڏيهي سيڪريٽري علائقائي واپار ۽ علائقائي رابطا وڌائڻ جي حوالي سان اي سي او ويزن 2025ع جي اهميت کي وڌيڪ اجاگر ڪيو ۽ ازبڪستان جي تعاون جا تجويز ڪيل اسٽريٽجڪ مقصد 2035ع کي پڻ ساراهيو. پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته اي سي او جي پليٽ فارم تان گڏيل ۽ ٺوس ڪوششن سان سمورا ميمبر ملڪ خطي ۾ اي سي او جي حقيقي صلاحيت جو ادراڪ ڪري سگهن ٿا.