لاهور-02 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان کي هر قيمت تي پاڪستان مان پوليو جي مرض جو خاتمو ڪرڻو پوندو، جامع حڪمت عملي ۽ گڏيل ڪوششن سان پوليو جو خاتمو يقيني بڻائي سگهجي ٿو، پوليو جي خاتمي واري مهم ذريعي ٻارن جو مستقبل محفوظ بڻايو پيو وڃي. اهڙو اظهار هن سال 2025ع جي پهرين قومي پوليو جي خاتمي واري مهم جي افتتاحي تقريب کي خطاب دوران ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پوليو جي خاتمي واري تعاون تي صحت جي عالمي اداري، يونيسيف، سعودي عرب سميت ٻين عالمي حصيدارن جي مدد تي ٿورائتا آهيون. هن چيو ته الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان 2025ع جي پوليو مهم جو آغاز ڪيو پيو وڃي، اهڙي طرح پاڪستان جي ڪروڙين ٻارن ۽ ٻارڙين کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياري ان مرض کان قوم جي ٻارن کي محفوظ ڪنداسين. هن چيو ته پوليو جي خاتمي واري ٽيم ڏينهن رات محنت ڪري رهي آهي ۽ تازي مهم دوران پوليو ورڪرز ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۽ ٻهراڙي ۾ هر جاءِ تي پهچي هڪ اهم قومي فرض سرانجام ڏيندا. وزيراعظم چيو ته گذريل سال ملڪ ۾ پوليو جا اٽڪل 77 ڪيس سامهون آيا جيڪو هڪ وڏو چئلينج ۽ پوليو جي حوالي سان هڪ وڏو سيٽ بيڪ هو، هلندڙ سال هن وقت تائين جنوري ۾ هڪ ڪيس رڪارڊ ٿيو آهي، ڪاش اهو ڪيس به نه اچي ها پر اسان کي هر قيمت تي پوليو جو پاڪستان مان خاتمو ڪرڻو آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ان حوالي سان پاڙيسري ملڪ افغانستان سان رابطي ۾ آهيون. هن ان اميد جو اظهار پڻ ڪيو ته گڏيل تعاون ذريعي افغانستان مان به پوليو جو خاتمو ٿيندو. وزيراعظم شهباز شريف پوليو جي روڪٿام لاءِ مدد تي صحت جي عالمي اداري، يونيسيف، سعودي عرب، بل گيٽس فائونڊيشن سميت ٻين حصيدارن سان ٿورن جو اظهار ڪندي چيو ته گڏيل ڪوششن جي عيوض ئي پوليو جو خاتمو ممڪن آهي. هن چيو ته جامع حڪمت عملي ۽ گڏيل ڪوششن سان ئي اسان پاڪستان مان پوليو جي مرض جو خاتمو ڪري سگهنداسين. پوليو جي خاتمي واري مهم ذريعي ٻارن جو مستقبل محفوظ بڻايو پيو وڃي. وزيراعظم ان عزم جو ورجاءُ پڻ ڪيو ته ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ قدم جاري رکنداسين. اسان کي هر قيمت تي پاڪستان مان پوليو جي مرض جو خاتمو ڪرڻو پوندو. هن چيو ته هلندڙ سال جي پهرين پوليو جي خاتمي واري مهم شروع ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ پنج سالن کان گهٽ عمر جي ڪروڙين ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا، ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياري انهن کي ان مرض کان محفوظ ڪنداسين ۽ مهم دوران پوليو ورڪرز ملڪ جي ڏورانهن ۽ ڏکين علائقن، ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ٻارن کي ڦڙا پياري قومي ذميواري نڀائيندا.