لاهور-02 فيبروري (اي پي پي) سڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته 2025ع ترقي جو سال آهي، مهانگائي وڌيڪ گهٽ ٿيندي، پاڪستان جي معيشت جو دنيا جي بهترين معيشتن ۾ ڳاڻيٽو ٿيندو، اڏام پاڪستان منصوبو پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو منصوبو آهي، وزيراعظم شهباز شريف شفافيت جا نوان رڪارڊ قائم ڪري رهيو آهي، تحريڪ انصاف جي دور ۾ ترقي جو هڪ منصوبو نه لڳو، سندن دور ۾ صرف لُٽ مار ڪئي وئي، اڄ اهي پنهنجي ڪيتي جي سزا ڀوڳي رهيا آهن. تڪ اين اي 127 جي يونين ڪائونسل 232 ۾ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته مسلم ليگ (ن) تعمير ۽ ترقي جي سياست ڪئي آهي، جتي ملڪي حالتون بهتر ٿي رهيون آهن اتي معيشت بهتر ٿي رهي آهي، مهانگائي ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي، وياج جي شرح هيٺ اچي رهي آهي، عالمي ملڪ پاڪستان جي معيشت جي واکاڻ ڪري رهيا آهن. وزيراعظم شهباز شريف ملڪ کي ڏيوالپڻي کان بچايو، مسلم ليگ (ن) ملڪ کي مشڪل ترين حالتن مان ڪڍيو، اڄ ملڪ ترقي جون منزلون طئي ڪري رهيو آهي، معيشت جي حوالي سان ڏينهون ڏينهن سٺيون خبرون اچي رهيون آهن، ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته 190 ملين پائونڊ ڪيس ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو ڌاڙو آهي، 190 ملين پائونڊ ڪيس جي فيصلي تي پي ٽي آءِ پروپيگنڊا ڪري رهي آهي. اڄ جڏهن انهن کي ڪيس ۾ سزا ٿي آهي ته چوري لڪائڻ لاءِ مذهب ڪارڊ استعمال ڪيو پيو وڃي، چيو پيو وڃي ته اسان کي سيرت تي هلڻ جي سزا ڏني پئي وڃي. وفاقي وزير چيو ته اهي توشاخانه مان گهڙيون چوري ڪري رهيا هئا جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف توشاخانه جا قاعدا ۽ ضابطا ٺاهيا، وزيراعظم شهباز شريف شفافيت جا نوان معيار قائم ڪري رهيو آهي، اڄ کانپوءِ توشاخانه مان ڪو به 300 ڊالر کان وڌيڪ جي شيءَ نه وٺي سگهندو نه رکي سگهندو. جيڪڏهن وٺڻي هوندي ته پوري قيمت ادا ڪرڻي پوندي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ وارا پئسا ڪمائڻ ۾ لڳل هئا، کين عوام جي مسئلن سان ڪو به واسطو نه هو، اهي روڪ رقم گڏ ڪري رهيا هئا، ڊيلون ڪري رهيا هئا، هيرا ۽ منڊيون وٺي رهيا هئا. هن چيو ته اسان هن تڪ کي مثالي بڻائڻ جو واعدو ڪيو هو، پهرين 10 مهينن ۾ ماڻهن جا مسئلا حل ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. تڪ ۾ سوئي گئس، قبرستان جي روڊ جي تعمير جلد مڪمل ٿيندي، ٽائون شپ جو علائقو مثالي بڻجندو. هن چيو ته تڪ جي عوام جي خوشي ۽ ڏک ۾ برابر شريڪ رهنداسين، هن تڪ جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ جيڪو ڪرڻو پيو اهو ڪنداسين. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ پنهنجي دور ۾ ڪوڙ جي بازار گرم ڪري رکي، علائقي جي ترقي لاءِ کين وقت نه هو، اهي لُٽ مار ڪندا رهيا، پنهنجا کيسا ڀريندا رهيا، عوامي پئسي جو ذاتي استعمال ڪيو جنهن جو تاريخ ۾ مثال نٿو ملي. هي اهي ماڻهو آهن جيڪي شهيدن جي بي حرمتي ڪندا آهن، انهن جا سياسي مقصد پاڪستان خلاف آهن، اسان شهيدن جي تعظيم ۽ تڪريم ڪندڙ ماڻهو آهيون، پاڪستان آهي ته سياست آهي، اسان پاڪستان کي مضبوط ڪنداسين، وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف معيشت کي مضبوط ڪري رهيو آهي، مريم نواز پنجاب جي خدمت ڪري رهي آهي، اسان سندن ويزن ۽ مشن کي اڳتي وٺي هلنداسين.