اسلام آباد-01 فيبروري (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري راولپنڊي ۾ ميجر حمزه اسرار شهيد جي اباڻي ڳوٺ ويو، هن شهيد جي قبر تي فاتحه خواني ڪئي. ميجر حمزه اسرار گذريل ڏينهن امير علي، اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائي دوران شهادت ماڻي هئي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر مملڪت، ميجر حمزه اسرار شهيد جي قبر تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر مملڪت آصف علي زرداري، ميجر حمزه اسرار شهيد جي ڪٽنب سان به ملاقات ڪئي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر مملڪت، ميجر حمزه اسرار شهيد جي گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ۽ ميجر حمزه اسرار جي وطن لاءِ خدمتن ۽ عظيم قرباني پيش ڪرڻ تي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر مملڪت، شهيد ۽ سندس ڪٽنب جي حب الوطني جي جذبي کي ساراهيو ۽ شهيد جي بلند درجن ۽ ڪٽنب لاءِ صبر جي دعا ڪئي.