اسلام آباد-01 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان ۾ مختلف ڪاررواين ۾ سيڪيورٽي فورسز طرفان 23 دهشتگرد جهنم ڀيڙا ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان ۾ صدر آصف علي زرداري قلات ۽ هرنائي سميت بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ ڪامياب ڪاررواين دوران 23 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيندي …
صدر آصف علي زرداري پاران بلوچستان ۾ مختلف ڪاررواين ۾ 23 دهشتگرد جهنم ڀيڙا ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي واکاڻ
اسلام آباد-01 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان ۾ مختلف ڪاررواين ۾ سيڪيورٽي فورسز طرفان 23 دهشتگرد جهنم ڀيڙا ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان ۾ صدر آصف علي زرداري قلات ۽ هرنائي سميت بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ ڪامياب ڪاررواين دوران 23 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيندي چيو ته دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون جاري رهنديون. دهشتگرد عنصرن جي خاتمي، ملڪي دفاع لاءِ اسان جو عزم پختو رهندو. صدر دهشتگردي جي ناسور جي مڪمل خاتمي جي قومي عزم جو اظهار پڻ ڪيو.












