اسلام آباد-31 جنوري (اي پي پي) روس، يوڪرين، هنگري ۽ اوڀر يورپ جي ٻين ملڪن ڏانهن پاڪستان جي واپار جي ڳاڻيٽي ۾ هلندڙ مالي سال جي پهرين ڇهه ماهي ۾ اضافو ٿيو آهي، اوڀر يورپ جي ملڪن ڏانهن پاڪستاني روانگي واپار ۾ ساليانو بنيادن تي 12.65 سيڪڙو اضافو جڏهن ته آمدني واپار ۾ 67.33 سيڪڙو گهٽتائي ٿي. اسٽيٽ بئنڪ جي انگن اکرن موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين ڇهه ماهي ۾ روس، هنگري، يوڪرين ۽ اوڀر يورپ جي ٻين ملڪن ڏانهن روانگي واپار سان ملڪ کي 399 ملين ڊالرن جو مٽاسٽا جو ناڻو حاصل ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳي مدي جي ڀيٽ ۾ 12.65 سيڪڙو وڌيڪ آهي، گذريل سال جي ساڳي مدي ۾ اوڀر يورپي ملڪن کي روانگي واپار سان ملڪ کي 354.18 ملين ڊالرن جو مٽاسٽا جو ناڻو حاصل ٿيو هو. انگن اکرن موجب مالي سال جي پهرين ڇهه ماهي ۾ اوڀر يورپي ملڪن کان آمدني واپار تي 391.56 ملين ڊالرن جو پرڏيهي ناڻو خرچ ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي مدي جي ڀيٽ ۾ 67.33 سيڪڙو گهٽ آهي. گذريل مالي سال جي پهرين ڇهه ماهي ۾ اوڀر يورپي ملڪن مان آمدني واپار تي 655.20 ملين ڊالرن جو پرڏيهي ناڻو خرچ ٿيو.