راولپنڊي / اسلام آباد – 31 – جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪ فضائيه جي اهتمام هيٺ نيشنل ايرو اسپيس سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ جو دورو ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪ فضائيه جو سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو به ان موقعي تي موجود هو. دوري دوران صدر کي پارڪ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. صدر کي ٻڌايو ويو ته سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ پاڪ فضائيه جي ترقي جي سفر ۾ اهم سنگ ميل آهي. هي منصوبو قومي اهميت وارو آهي. کيس آگاهه ڪيو ويو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي پارڪ پاڪستان ۾ علم ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل معيشت جو بنياد بڻجڻ جي لاءِ تيار آهي. پارڪ جو مقصد خلائي، سائبر، آءِ ٽي، مصنوعي ذهانت ۽ ايرو اسپيس ۾ نجي ۽ پبلڪ سيڪٽر جي ادارن کي ڳنڍڻ آهي. صدر کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ دنيا جي بهترين ايرو اسپيس سائبر ۽ آءِ ٽي ڪلسٽر سان هڪ بڻجڻ جي لاءِ پوري طرح تيار آهي. پارڪ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز، تحقيق ۽ تياري ۽ جديد مرڪزن سان گڏ قومي منظرنامي کي بدلائي ڇڏيندو. پارڪ سان ملڪ کي سماجي، اقتصادي، سيڪيورٽي ۽ سائنسي طور تي فائدو ٿيندو. صدر پاڪ فضائيه ۽ ان جي هنرمند اهلڪارن کي ساراهيو. صدر نيشنل ايرو اسپيس سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ ۾ جديد ترين ٽيڪنيڪي ماحولياتي نظام کي پڻ ساراهيو. هن جديد جنگي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ قومي اسٽريٽجڪ اهميت جي منصوبي بي مثال مدي ۾ مڪمل ڪرڻ تي پاڪ فضائيه جي قيادت جي ويزن ۽ فعاليت کي ساراهيو.