اسلام آباد-30 جنوري (اي پي پي) اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد چيو آهي ته ميڪرو اڪنامڪ استحڪام بحال ڪرڻ ۾ محتاط مانيٽري پاليسي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ملتان جي ايوان صنعت ۽ تجارت سان اجلاس ۾ هن ڪاروبار کي وڌيڪ سهولتون ڏيڻ جي هاڻوڪي پاليسي قدمن جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ روانگي واپار ۽ آمدني واپار ۾ سهولتون، منافعي جي واپسي ۽ آءِ ٽي جي روانگي واپار ڪندڙن ۽ فري لانسرز سان تعاون ڊجيٽل ايڪو سسٽم جي استحڪام جهڙا قدم شامل آهن. گورنر ان طرف ڌيان ڇِڪرايو ته ايس ايم اي قرض جيڪي ڊسمبر 2023ع ۾ 543 ارب رپيا هئا وڌي ڊسمبر 2024ع ۾ 638 ارب رپيا ٿي ويا، جڏهن ته مالي سال 25ع جي پهرين ڇهه ماهيءَ ۾ 1266 ارب رپين جا زرعي قرض جاري ڪيا ويا، يعني سال بسال 14.5 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. گورنر ملتان چيمبر جي ڪردار کي به ساراهيو ۽ ڪاروباري برادريءَ تي زور ڀريو ته مستقبل جي ٽيڪنالاجيز تي سيڙپ ڪن ۽ غير روايتي مارڪيٽ ڳولين ته جيئن ملڪ جي مجموعي روانگي واپار ۾ بهتري آڻي سگهجي.