باڪو-30 جنوري (اي پي پي) مواصلات، نجڪاري ۽ سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير عبدالعليم خان اعليٰ سطحي وفد سان گڏ باڪو آذربائيجان ۾ ڊجيٽل ڊولپمينٽ اينڊ ٽرانسپورٽ واري وزير راشد نبي اوف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ڌُرين طرفان اعليٰ سطحي وفد شامل ٿيا. آذربائيجان پاڪستان ۾ خاص طور موٽر ويز ايم-6، ايم-9، سکر- حيدرآباد ڪراچيءَ ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ فزيبلٽي ۽ ٻين معاملن جو جائزو وٺڻ لاءِ پنهنجو وفد فيبروريءَ ۾ موڪليندو. ٻئي طرف پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ شاهراهن جي تعمير لاءِ بزنس ٽو بزنس ۽ گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ حصيداريءَ جي آپشنز تي به غور ڪيو ويو. وفاقي وزير آذربائيجان جي ٽرانسپورٽ واري وزير سان اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان مان وچ ايشيائي رياستن تائين آمدورفت جي ذريعن کي بهتر بڻائڻ تمام ضروري آهي، ان سلسلي ۾ ٻئي ملڪ نمايان اڳڀرائي ڪري سگهن ٿا. وفاقي وزير چيو ته لاجسٽڪس جي بهتريءَ لاءِ مواصلات جي شعبي ۾ ٻه طرفي تعاون کي خاطرخواه گنجائش موجود آهي. آذربائيجان ۽ پاڪستان وچ ۾ تاريخي، مذهبي ۽ گهرا دوستاڻا رابطا موجود آهن، جن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. آذربائيجان جي وزير چيو ته پاڪستان سان گڏ آذربائيجان ٻه طرفي تعاون ۽ سيڙپڪاريءَ ۾ نمايان اڳڀرائيءَ جو خواهشمند آهي. وفاقي وزير جي اڳواڻيءَ ۾ هن وفد جي دؤري سان ان سلسلي ۾ وڌيڪ اڳڀرائي ٿيندي. اجلاس ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت به گڏيل سيڙپڪاري جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. باڪو آذربائيجان ۾ ٿيل اجلاس ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جو چيئرمين ايم-6 ۽ ايم-9 موٽر ويز جي منصوبن تي بريفنگ ڏني، جڏهن ته آذربائيجان جي عملدارن کان پاڪستان کان ريل، روڊ ۽ ٻين مواصلاتي ذريعن تي گڏيل حصيداريءَ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. اجلاس ۾ پاڪستان مان ايس آءِ ايف سي ليفٽيننٽ جنرل سرفراز احمد ۽ پيٽروليم وارو وفاقي سيڪريٽري مومن علي آغا به موجود هئا. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته مواصلات، نجڪاري ۽ سيڙپڪاري بورڊ وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان ڪالهه ئي آذربائيجان پهتو آهي جتي ساڻس ٻين وزيرن اهم سرڪاري عملدارن سان ملاقاتون متوقع آهن.