اسلام آباد – 30 – جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ واپاري، اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ هڪ جامع روڊ ميپ تيار ڪرڻ جي لاءِ ٻئي اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب اجلاس ۾ بجلي، فوڊ سيڪيورٽي ۽ پيٽروليم جي وفاقي وزيرن، وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري خاص معاون، وزيراعظم جي صحت واري ڪوآرڊينيٽر ۽ پرڏيهي سيڪريٽري کانسواءِ اقتصادي معاملن، مواصلات، صنعت، فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي سيڪريٽري ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم اسٽريٽجڪ اڪنامڪ فريم ورڪ 24 – 2020ع تحت مڪمل ۽ جاري قدمن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. هن اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جي ستين اجلاس جي موقعي تي جوائنٽ ورڪنگ گروپس ۽ پاڪستان ترڪ بزنس فورم جي اجلاسن جي تياري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.