راولپنڊي-30 جنوري (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز اربع ۽ خميس جي وچ واري رات مير علي ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز موثر انداز سان دهشتگردن کي نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ميجر حمزه اسرار (عمر 29 سال، راولپنڊي) سپاهي محمد نديم (عمر 26 سال، رهندڙ نصير آباد) شهيد ٿي ويا. علائقي ۾ ڪنهن به باقي دهشتگرد جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي ادارا دهشتگردي جي لعنت کي ملڪ مان ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن. اسان جي بهادر جوانن جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط بڻائينديون آهن.