اسلام آباد – 30 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٻيو دور 5 فيبروري تي قطر جي گادي واري شهر دوحه ۾ ٿيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان پريس بريفنگ ۾ ٻڌايو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو، هو ٻطرفي سياسي مشاورتي اجلاس ۾ شرڪت کانسواءِ قطري قيادت سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندو.