اسلام آباد- 30 جنوري (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي صدارت ھيٺ ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنھن ۾ يوٽيليٽي اسٽورن جي بندش، ڍانچيوار سڌارن ۽ نجڪاري جي امڪاني آپشنن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت مملڪتي وزير شزا فاطمه خواجه به شرڪت ڪئي. اجلاس دوران گذريل 2 کان 3 سالن جي باقي رھيل آڊٽ کي مڪمل ڪرڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ٿي ۽ وزيراعظم رمضان ريليف پيڪيج 2025ع جي حوالي سان به ڳالھيون ٿيون، ڪميٽي وزيراعظم جي خواھش مطابق ڀرپور تشھيري مھم ھلائڻ تي زور ڀريو. ڪميٽي يوٽيليٽي اسٽورن ذريعي سبسڊي واريون عام واهپي واريون شيون فراھم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي ۽ رمضان پيڪيج جي حوالي سان صوبن کان به معلومات حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان کان علاوه گذريل سال جي رمضان پيڪيج کي وڌيڪ بھتر بڻائڻ تي غور ڪيو ويو.