اسلام آباد- 30 جنوري (اي پي پي) وفاقي گھرو وزير محسن نقوي اتر وزيرستان ۾ خوارجي دھشتگردن جو بھادري سان مقابلو ڪندي شھادت ماڻيندڙ ميجر حمزه اسرار ۽ سپاھي محمد نعيم کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو آھي. پنھنجي بيان ۾ گھرو وزير چيو ته شھيد ميجر حمزه اسرار ۽ سپاھي محمد نعيم وطن ۾ امن خاطر پنھنجون جانيون قربان ڪيون، سندن بھادري تي فخر آھي، قوم جا اھو بھادر سپوت وطن تي قربان ٿي ھميشه لاءِ امر ٿي ويا. ھن چيو ته ميجر حمزه اسرار ۽ سپاھي محمد نعيم بھادري سان خوارجي دھشتگردن جو مقابلو ڪندي شھادت جو بلند رتبو حاصل ڪيو. سندن عظيم قرباني کي قوم سلام پيش ڪري ٿي. محسن نقوي چيو ته قوم دھشتگردن خلاف جنگ ۾ شھيد سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن جي قربانين کي قدر جي نگاھه سان ڏسي ٿي. گھرو وزير شھيد ميجر حمزه اسرار ۽ سپاھي محمد نعيم جي گھرڀاتين سان دلي ھمدردي ۽ تعزيت جو اظھار ڪيو ۽ 6 خوارجي دھشتگردن کي جھنم حوالي ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو. ھن چيو ته سيڪيورٽي فورسز خوارجي دھشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو ۽ قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آھي.