اسلام آباد – 24 – جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري تعليمي نظام کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته تعليم کي هڪ خوشحال، جديد ۽ ترقي پسند پاڪستان جو بنياد بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري اهڙن خيالن جو اظهار تعليم جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته ”مصنوعي ذهانت ۽ تعليم: آٽوميشن جي دنيا ۾ انساني ارادي ۽ اختيار جو تحفظ“ جي عنوان تحت تعليم جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيا آهيون. صدر چيو ته مصنوعي ذهانت جو ذميواراڻو استعمال تعليمي نظام ۾ انقلاب آڻڻ جي صلاحيت رکي ٿو، مصنوعي ذهانت جي دنيا ۾ انساني ارادي ۽ اختيار، تخليقي صلاحيت، تنقيدي سوچ ۽ فيصلاسازي کي مٿانهون رهڻ گهرجي. هن چيو ته مصنوعي ذهانت تي ٻڌل ٽولز سکڻ جي عمل کي انفرادي ضرورتن موجب آڻڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿا، مصنوعي ذهانت جي ٽولز جي مدد سان تعليمي نظام ۾ ڊيٽا تي ٻڌل سڌارا آڻي سگهجن ٿا. صدر چيو ته مصنوعي ذهانت جي صلاحيتن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ اسان کي تعليمي انفراسٽرڪچر تي سيڙپڪاري کي ترجيح ڏيڻي پوندي، تعليمي نظام کي درپيش ٻين چئلينجن کي پڻ منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته اسان کي پنهنجي تعليمي نظام ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ مصنوعي ذهانت جو استعمال ڪرڻ گهرجي، تعليمي ماهر، پاليسي ساز ۽ والدين مصنوعي ذهانت ۽ تعليم فراهم ڪرڻ جا جديد طريقا اختيار ڪن. صدر چيو ته مصنوعي ذهانت سان مسئلا حل ڪرڻ ۽ تخليقي صلاحيتن جي فروغ ۾ مدد ملي سگهي ٿي، رياضي، سائنس، زبان، تاريخ ۽ تنقيدي سوچ جي بنيادي مهارتن ۾ اضافي ۾ پڻ مدد ملندي. هن چيو ته مصنوعي ذهانت تي ٻڌل ٽولز شاگردن کي زبان ۽ بيان، ٽيم ورڪ ۽ ڊيجيٽل خواندگي جهڙي ضروري مهارتن سان ليس ڪري سگهن ٿا. صدر چيو ته اچو پنهنجي ٻارن تي سيڙپڪاري ڪرڻ ۽ انهن کي ضروري مهارتن سان ليس ڪرڻ جو وچن ڪريون.