ڪراچي-11 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بلديا ٽائون سانحي کي قومي سانحو قرار ڏيندي چيو آهي ته بلديا ٽائون سانحي تي جيترو افسوس ۽ مذمت ڪجي گهٽ آهي. هن اها ڳالهه وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل سندس پيغام ۾ ڪئي. وڏي وزير چيو ته 12 سال اڳ ڪراچي جي بلديا فيڪٽري ۾ باهه لڳائڻ سبب 264 مزدور سڙي فوت ۽ 50 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي عوام هميشه دهشتگردي خلاف آواز اٿاريو آهي، اسان جو نظريو امن، محبت ۽ ڀائيچارو آهي. هن چيو ته اسان هڪ قوم جي حيثيت سان شرپسندن خلاف متحد آهيون ۽ اسان جا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا انهن شرپسند عنصرن خلاف ڪارروايون جاري رکندا.