قائداعظم جنهن مقصد لاءِ هن عظيم مُلڪ جو بنياد رکيو اسين انهي رستي جا مسافر آهيون: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي -11 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته، باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جنهن مقصد لاءِ هن عظيم مملڪت جو بنياد رکيو اسين انهي رستي جا مسافر آهيون. باباءِ قوم محمد علي جناح جي 76هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته قائداعظم هڪ ڪرشماتي شخصيت جو مالڪ هو، جنهن برطانيه کان ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ …

ڪراچي -11 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته، باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جنهن مقصد لاءِ هن عظيم مملڪت جو بنياد رکيو اسين انهي رستي جا مسافر آهيون. باباءِ قوم محمد علي جناح جي 76هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته قائداعظم هڪ ڪرشماتي شخصيت جو مالڪ هو، جنهن برطانيه کان ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ الڳ ملڪ جو مطالبو مڃرايو، هڪ اهڙي سرزمين جو بنياد رکيو جتي سمورن مذهبن جي پوئلڳن کي مذهبي حق ۽ آزادي حاصل آهي. وڏي وزير چيو ته اڄ دهشتگردي خلاف اسان سڀني کي هڪ ٿي هن ملڪ جي حفاظت ڪرڻي پوندي هي ملڪ اسان کي وڏين قربانين کان پوءِ نصيب ٿيو، اسان هن عظيم مملڪت ۾ آزاد فضا ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون، اسان کي ايندڙ نسلن کي هن ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار ڪرڻو آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته اسان کي مستقبل جي معمارن کي جديد دنيا جي گهرجن مطابق تيار ڪرڻو آهي ۽ قائداعظم جي حقيقي خواب جي تعبير اسان کي ئي ڪرڻي آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان کي سڀ کان پهرين پاڪستاني بڻجي سوچڻو پوندو، اقليت ۽ اڪثريت رياست جي نظر ۾ سڀ برابر آهن، اسان جا مفاد هڪجهڙا آهن، اسان جي منزل هڪ آهي ۽ اها پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي آهي. مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان جي باني قلم کي وڏو هٿيار قرار ڏنو ۽ ان جي طاقت سان اسان کي هي عظيم ملڪ بخشيو ويو، اسان هميشه باباءِ قوم جا احسانمند رهنداسين، اچو ته پاڪستان جي حقيقي خواب جي تعبير ڪيون ۽ گڏجي ان کي سنواريون.

مزید خبریں