ڪراچي – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ چيو آهي ته قائداعظم جو پاڪستان جي آزاديءَ کان پوءِ جلد لاڏاڻو ملڪ ۽ قوم لاءِ هڪ وڏو نقصان هو، قائداعظم پنهنجي ملڪيت جو ٽيون حصو پنهنجي مادر علمي سنڌ مدرسي کي ڏيڻ جي وصيت ڪئي هئي. باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي 76هين ورسي جي موقعي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ چيو ته قائداعظم جو پاڪستان جي آزاديءَ کان پوءِ جلد لاڏاڻو ملڪ ۽ قوم لاءِ هڪ وڏو نقصان هو، اسان کي فخر آهي ته قائداعظم محمد علي جناح جو پنهنجي مادر علمي سنڌ مدرسته الاسلام سان گهرو تعلق هو، جنهن پنهنجي ملڪيت جو ٽيون حصو سنڌ مدرسي کي ڏيڻ جي وصيت ڪئي هئي ۽ 1943ع ۾ سنڌ مدرسته الاسلام جي ڪاليج جو افتتاح پڻ ڪيو هو. ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ چيو ته اسان کي ملڪي ترقيءَ جي لاءِ پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي نظريي، ڀائيچاري، ايمانداري ۽ ملڪ ۽ قوم سان وابستگي واري ورثي تي عمل ڪرڻو آهي.