ڪراچي – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي نامياري سرجن ڊاڪٽر مُرلي ڌر چيو آهي ته سڄي دُنيا ۾ پاڪستان سميت صرف ٻه مُلڪ باقي رهيا آهن جن ۾ اڃان پوليو جو مرض موجود آهي، هِن سال پاڪستان ۾ 14 ڪيس سامهُون آيا آهن، جن ۾ 11 بلوچستان، 2 سنڌ ۽ هڪ پنجاب جو ڪيس آهي، آفريڪا جهڙن مُلڪن مان به پوليو ختم ٿي ويو آهي، گلوبل پوليو اريڊيڪيشن انيشيئيٽو تحت هيستائين اڍائي ارب ٻارن کي پوليو جا ٽڪا ھنيا ويا آھن، وائلڊ پوليو جي هڪ ڪيس جي موجودگيءَ ۾ به مريضن جو انگ وڌڻ جو خطرو برقرار رهندو، اسان کي ان مرض جي خاتمي لاءِ سنجيده ٿيڻو پوندو. اي پي پي سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر مُرلي ڌر چيو ته پاڪستان ۾ 1994ع کان پوليو جي خاتمي وارو پروگرام 339521 تربيت يافتا عملي جي نگراني ۾ جيڪو دنيا جو سڀ کان وڏو پوليو جي خاتمي جو پروگرام آھي جاري آھي جنھن ۾ پاڪستان ۽ دنيا جا ناميارا ايپيڊيميولاجسٽ شامل آھن، پاڪستان ۾ به 99 سيڪڙو مريض گھٽجي ويا آھن، 1990ع ۾ 20000ع مريض پوليو جا ڏٺا ويا آهن، ھن سال پاڪستان ۾ 14 مريضن ۾ پوليو ڏٺو ويو آهي، جن ۾ 11 بلوچستان، 2 سنڌ ۽ هڪ پنجاب چڪوال جو ڪيس آهي، سنڌ جي ٻن مريضن مان ھڪ جو تعلق شڪارپور ۽ ٻئي جو ڪراچي ڪيماڙي سان تعلق آهي، هِن چيو ته بلوچستان جي 11 مريضن مان پنج قلعه عبدالله جا ٻار آھن، جڏهن ته علائقي جي پوليو خاتمي واري نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ھيلٿ سان لاڳاپيل ليبارٽري مطابق 20 مھينن جي ٻارڙي جيڪا يونين ڪائونسل صدر مسلم باغ قلعي جي هُئي اها ان مرض جي وگهي معذور ٿي لاڏاڻو ڪري وئي، هِن چيو ته 2020ع ۾ پنجاب ۾ 14 سنڌ ۾ 22، خيبرپختونخواھ ۾ 22 ۽ بلوچستان ۾ 26 پوليو جا ڪيس ظاھر ٿيا، 2022ع ۾ پوليو جا 20 ڪيس رپورٽ ٿيا جيڪي سڀ جا سڀ خيبر پختونخواھ جا هُئا، 2023 ۾ ڪل ڇھ مريض ظاھر ٿيا جن مان چار خيبر پختونخواه ۽ ٻه سنڌ جا ڪيس هُئا، ڊاڪٽر مُرلي ڌر چيو ته جيستائين ھڪ به وائلڊ پوليو جو ڪيس موجود آھي ته ان ڳالهه جو خطرو موجود رھندو ته مريضن جو انگ وڌي سگهي ٿو، هِن چيو ته مرض جي موجودگيءَ ان ڳالهه کي ثابت ڪري ٿي ته ٻارن کي ڦڙا پيارڻ ۾ ڪوتاهي ٿي آهي ۽ ان حوالي سان وزيراعظم جي پوليو خاتمي جي بابت فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق پُڻ بلوچستان ۾ ظاھر ٿيندڙ پوليو جي ڪيسن بابت خدشن جو اظهار ڪيو آهي.هن چيو ته 1988ع ۾ گلوبل پوليو اريڊيڪيشن انيشيئيٽو (جي پي اي آءِ) جو قيام عمل ۾ اچڻ ۽ اھو پروگرام شروع ٿيڻ کانپوءِ هيستائين اڍائي ارب ٻارن کي پوليو جا ٽڪا ھنيا ويا آھن ان ۾ 200 ملڪن ۽ ويھ لک والنٽيئرز حصو ورتو آهي، ڊاڪٽر مُرلي چيو ته هِن وقت صرف ٻن مُلڪن ۾ اهو وائلڊ وائرس موجود آھي جنهن ۾ اسان به شامل آهيُون ۽ اهو اسان لاءِ فڪر جو لمحو آهي، هِن چيو ته 1994ع ۾ دنيا جي صحت واري اداري آمريڪي خطي جي ملڪن کي پوليو کان پاڪ ھجڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏنو، 2000ع ۾ ويسٽرن پيسيفڪ خطي، 2002ع ۾ يورپين خطي، 2014ع ۾ سائوٿ ايسٽ ايشيا خطي يعني انڊونيشيا کان انڊيا 11 ملڪن کي پوليو کان پاڪ هُجڻ جو سرٽيفڪيٽ مليو، جڏهن ته 2020ع ۾ آفريڪا پنجون خطو بڻيو جنھن کي پوليو کان پاڪ هُجڻ جو سرٽيفڪيٽ مليو آهي، هِن چيو ته ويڪسين ڪري ويھ ملين کان وڌيڪ ٻار معذوري کان بچي ويا ۽ اھي پنھنجي پيرن تي ھلن پيا، ڏيڍ ملين ٻار موت جي چنبي کان بچايا ويا، هِن چيو ته اسان کي پاڪستان مان پوليو جي خاتمي لاءِ سنجيده ڪوششون وٺڻيُون پونديُون.