ڪراچي-09 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڊاڪٽر ڪيٿرينا رٿ فائو جي 95هين سالگره تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر ڪيٿرينا رٿ فائو پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ ڪوڙهه جي مرض جي خاتمي لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. پنهنجي پيغام ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو آهي ته ڊاڪٽر رٿ فائو جي دل هميشه انسانيت لاءِ ڌڙڪي، جنهن پنهنجي سڄي ڄمار انسانيت لاءِ وقف ڪري ڇڏي. وڏي وزير چيو ته ڊاڪٽر رٿ فائو انسانيت جي بي لوث خدمت ڪئي ۽ اسان کي گهرجي ته ان جي نقش قدم تي هلندي محبت ۽ خلوص جي دنيا قائم ڪريون ڇاڪاڻ ته سندس شخصيت اسان لاءِ مشعل راهه آهي. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته اسان جي خوش قسمتي آهي ته قدرت اسان کي اهڙي انمول شخصيت سان نوازيو، اهڙيون شخصيتون صدين ۾ پيدا ٿينديون آهن، سنڌ جو عوام سندن خدمتن کي سدائين ياد رکندو.