لاڙڪاڻو -06 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي واپار واري وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو آهي ته آزادي هڪ نعمت آهي، 1947ع ۾ اسان جو ملڪ آزاد ٿيو ۽ اسان کي ان آزاديءَ جو قدر ڪرڻ گھرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بيگم نصرت ڀٽو ٽائون هال جناح باغ لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان جي دفاع جي ڏهاڙي جي حوالي سان ڪوٺايل هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته 06 سيپٽمبر 1965ع تي دشمن ملڪ اسان تي جنگ مڙهي ۽ اسان جي هيروز پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي توهان ۽ اسان جي مستقبل کي محفوظ ڪيو. هن چيو ته اسان جو دشمن ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي هر وقت ڪوشش ڪندو رهي ٿو پر اسان جي پاڪ فوج ان جو ڀرپور جواب ڏئي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته مون کي اڄ هتي اچي ڏاڍي خوشي ٿي ڇاڪاڻ ته هتان جي ڊويزنل توڙي ڊسٽرڪٽ انتظاميا بهترين ڪم ڪري رهي آهي، اوهان ٻارن کي آگاهي ڏيو ٿا جيڪو هڪ سٺو عمل آهي.ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر شرجيل نور چنا چيو ته اڄ جو ڏينهن اسان يوم دفاع پاڪستان جي حوالي سان ملهائي رهيا آهيون انهن شهيدن جن اسان جي خودمختاري برقرار رکي ۽ وطن تي قربان ٿيا ان سان گڏو گڏ انهن ٻارن جن هتي ٽيبلوز پيش ڪيا انهن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته ٻار اسان جو مستقبل آهن اسان کي ملڪ جي خودمختاري ۽ ترقيءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ گھرجي. مان انهن مائرن کي سلام پيش ڪريان ٿو جيڪي اهڙن ٻارن کي جنم ڏين ٿيون.تقريب ۾ ڪمشنر لاڙڪاڻو غلام مصطفيٰ ڦل به موجود هو. ان موقعي تي تقرير ڪندي تعليم کاتي جي عملدارن چيو ته 06 سيپٽمبر تي اسان جي فوج جي جوانن پاڪستان جي دشمن سان وڙهي شهادت ماڻي ان تي اسان کين خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. تقريب ۾ ٽيبلو پيش ڪندڙ مختلف اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ٽرافيون ۽ شيلڊون ورهايون ويون. ان کان اڳ 06 سيپٽمبر يوم دفاع پاڪستان جي حوالي سان هڪ ريلي منعقد ڪئي وئي، جنهن جي اڳواڻي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر شرجيل نور چنا، اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو راجا خان قريشي، اي ايس پي لاڙڪاڻو احمد اشعر، ڊي اي او سيڪنڊري گلبهار مگسي، ڊائريڪٽر سيڪنڊري صفدر علي شاھ، ڊي اي او پرائمري انيس الرحمان جي اڳواڻي ۾ ڊي اي او پرائمري جي آفيس مان ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف روڊن ۽ رستن کان ٿيندي جناح باغ لاڙڪاڻي ۾ پڄاڻي تي پهتي. هن ريلي ۾ سمورن ادارن جي آفيسرن، استادن، شاگردن، اسڪائوٽس ۽ سول سوسائيٽي جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي دوران پاڪستان زنده باد ۽ پاڪ فوج زنده باد جا نعرا پڻ هنيا ويا.