ڪراچي-28 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه برسات متاثر ضلعن جو دورو ڪندي صورتحال جو جائزو وٺندي بدين ۽ سجاول ۾ پاڻي فوري نيڪال ڪرڻ ۽ سجاول روڊ جي تعمير ۾ دير جي ذميوار انجنيئرن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪندي چيو آهي ته گذريل ٻن ڏينهن کان ٿرپارڪر ضلعي ۾ تيز برسات ٿي رهي آهي، ڪراچي، ٺٽو، سجاول، بدين، عمرڪوٽ، سانگهڙ ۽ شهيد بينظير آباد ضلعن ۾ وڌيڪ خطرو آهي، انهن ضلعن ۾ وڌيڪ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، قمبر-شهدادڪوٽ، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، دادو ۽ ڄامشورو ضلعن کي کيرٿر جبل مان خطرو آهي، ٻوڏ متاثرن لاءِ 21 لک گهر ٺاهي رهيا آهيون، جتي هڪ ڪروڙ 20 لک ماڻهو رهندا، اهو دنيا جو سڀ کان وڏو منصوبو آهي، ان منصوبي تي هڪ سال کان ڪم جاري آهي، 2 لک مڪمل ڪيا آهن 6 لک تعمير هيٺ آهن، سنڌ حڪومت سمورن وزيرن کي پنهنجن ضلعن ۾ برساتن دوران بحالي واري ڪم جو نگران مقرر ڪيو آهي جيڪي سرگرم آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري جي هدايت تي برسات متاثر ضلعن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي وڏي وزير سان گڏ صوبائي وزير ناصر حسين شاهه، سعيد غني، ڄام خان شورو، ذوالفقار شاهه ۽ مڪيش چاولا پڻ گڏ هئا. وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۾ ملير ندي جو دورو ڪيو ۽ گهگهر ڦاٽڪ وٽ روڊ تي پاڻي گڏ ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڊي سي ملير کي روڊ صاف ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير ٺٽو-ڪراچي قومي شاهراهه تي گهارو ڀرسان زير تعمير روڊ کي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٺٽي شهر جو دورو ڪري برساتي پاڻي جي نيڪال جو جائزو ورتو. هن مڪاني ادارن کي هدايت ڪئي ته برساتن جي صورت ۾ پاڻي جي نيڪال کي يقيني بڻايو وڃي. ٺٽي کانپوءِ وڏي وزير سجاول پل تي درياهه جي پاڻي جي وهڪري جو جائزو ورتو ۽ بريفنگ ورتي. سجاول ٺٽو پل تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته گذريل ٻن ڏينهن کان ٿرپارڪر ضلعي ۾ تيز برسات ٿي رهي آهي. ڪراچي، ٺٽو، سجاول، بدين، عمرڪوٽ، سانگهڙ ۽ شهيد بينظير آباد ضلعن ۾ وڌيڪ خطرو آهي. قمبر-شهدادڪوٽ، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، دادو ۽ ڄامشورو ضلعن کي کيرٿر جبل کان خطرو آهي. ٻوڏ متاثرن لاءِ گهرن جي تعمير بابت سوال جي جواب ۾ مراد علي شاهه چيو ته اسان 21 لک گهر ٺاهي رهيا آهيون جتي هڪ ڪروڙ 20 لک ماڻهو رهندا. اهو دنيا جو سڀ کان وڏو پراجيڪٽ آهي، ان منصوبي تي هڪ سال کان ڪم جاري آهي ۽ لڳ ڀڳ 2 لک گهر ٺاهيا ويا آهن ۽ 6 لک تعمير هيٺ آهن. انشاءَ الله ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي تعمير جو منصوبو جلد مڪمل ڪيو ويندو. وڏي وزير سجاول شهر جو دورو پڻ ڪيو. سجاول جي مين روڊ جي تعمير ۾ دير ٿيڻ جو نوٽيس وٺندي پاڻي نيڪال جو نظام جلد کان جلد ٺيڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير سجاول روڊ جي تعمير ۾ دير جي ذميوار انجنيئرن خلاف ڪارروائي جو هدايتون ڏنيون. سجاول ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ڪراچي، ٺٽي، بدين، سجاول، عمرڪوٽ، سانگهڙ ۽ ٿرپارڪر ۾ وڌيڪ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت سمورن وزيرن کي پنهنجن ضلعن ۾ برساتن دوران بحالي واري ڪم جا نگران مقرر ڪري ڇڏيا آهن، محمد علي ملڪاڻي ٺٽي ضلعي ۾ رين ايمرجنسي جو انچارج آهي، باقي ضلعن ۾ به انچارج سرگرم آهن. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري جي هدايتن تي پيپلز پارٽي جا ميمبر عوام جي وچ ۾ موجود آهن. هن وقت فصلن کي ايترو نقصان نه پهتو آهي، عوام کي نقصان کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. وڏي وزير بدين ۾ کورواهه چوڪ ڀرسان ڪارو گونگڙو جو دورو ڪيو. آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو ۽ سيڪريٽري ظريف کيڙو وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪارو گونگڙو ٽنڊي محمد خان، بدين ۽ سجاول جي زمينن جو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. وڏي وزير ڪارو گونگڙو ۾ پاڻي جي وهڪري کي اطمينان بخش قرار ڏيندي آبپاشي کاتي کي هدايت ڪئي ته ان جي سخت نگراني ڪئي وڃي.
وڏو وزير جڏهن بدين شهر پهتو ته هو برسات دوران گاڏي مان ٻاهر نڪتو ۽ ماڻهن سان ملاقات ڪئي. هن بدين ۾ قائداعظم روڊ جو معائنو ڪيو ۽ ڊي سي بدين کي هدايت ڪئي ته برسات بند ٿيڻ سان ئي پاڻي نيڪال ڪيو وڃي. وڏي وزير سول اسپتال نالي جو معائنو ڪندي چيو ته برساتن سبب نالو مڪمل ڀرجي ويو آهي، جنهن ڪري پاڻي جي وهڪري ۾ رڪاوٽ پيدا ٿي رهي آهي. برسات بند ٿيڻ سان ئي نالن کي صاف ڪيو وڃي. وڏو وزير بدين کان پوءِ ٽنڊو محمد خان پهتو ۽ ٻوڏ متاثرن جي نون تعمير ٿيل گهرن جو معائنو ڪيو. وڏي وزير ڳوٺاڻن سان ملي ۽ ڳوٺاڻي انداز ۾ کانئن حال احوال پڇيو. رهواسين وڏي وزير کي ٻڌايو ته سندن گهر مٿي زمين تي ٺهيل آهن جنهن سبب هن ڀيري محفوظ آهن. ٽنڊو محمد خان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته برساتي نالن ۾ پاڻي جي سطح اڃا به گهٽ آهي، سنڌو درياهه جي صورتحال معمول تي آهي ۽ ٻوڏ جو ڪوبه خطرو ناهي. وڏي وزير چيو ته اسان ٻوڏ متاثرن لاءِ 21 لک گهر ٺاهي رهيا آهيون جنهن ۾ سوا ڪروڙ ماڻهو رهي سگهن ٿا. 145 ملڪن جي آبادي هڪ ڪروڙ کان به گهٽ آهي، مطلب ته اسان سنڌ کي 145 ملڪن کان وڏو ملڪ بڻائڻ وارا آهيون. هن وقت تائين دنيا جو سڀ کان وڏو هائوسنگ پروگرام نيپال ۾ ٺاهيو ويو، نيپال جي حڪومت زلزلي کانپوءِ 8 لک گهر ٺاهيا ۽ ان ۾ 5 سال لڳي ويا جنهن رفتار سان اسان ڪم ڪري رهيا آهيون، اميد آهي ته 3 سالن ۾ 21 لک گهر ٺهي ويندا.