ڪراچي-26 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايت تي ماهيگيري کاتي جي صوبائي صلاحڪار سيد نجمي عالم مهاڻن کي ايندڙ 5 ڏينهن تائين سمنڊ ۾ وڃڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. سيد نجمي عالم اهو قدم وزيراعليٰ هائوس ۾ رين ايمرجنسي بابت اجلاس ۾ ڪيل فيصلي جي روشني ۾ کنيو آهي. هن مهاڻن کي آگاهي ڏني آهي ته موسميات کاتي پاران جاري ڪيل هدايتن موجب هوا جو گهٽ دٻاءُ ۽ برسات جي موسم سبب 26 آگسٽ کان 30 آگسٽ 2024 تائين سنڌ صوبي جي مختلف علائقن خاص ڪري سامونڊي علائقن ۾ تيز برسات پوڻ جو امڪان آهي تنهن ڪري سمورن ماهيگيرن کي گذارش آهي ته 26 آگسٽ کان 30 آگسٽ تائين وڏي سمنڊ ۾ وڃڻ کان پاسو ڪن ۽ پنهنجا رسا، انجڻ ۽ ڄار محفوظ هنڌن تي منتقل ڪن ۽ نقصان کان بچڻ لاءِ احتياطي تدبيرون اختيار ڪن.