ڪراچي- 23 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ايران بس حادثي ۾ شهيد ٿيل زائرين جي وارثن ۽ زخمين لاءِ امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. جمعي ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان موجب پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهيدن جي وارثن ۽ زخمين لاءِ امداد ڏيڻ جي هدايت ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ وڏي وزير مراد علي شاهه بس حادثي ۾ شهيد ٿيل زائرين جي وارثن لاءِ 50-50 لک رپيا ۽ زخمين لاءِ في شخص ڏهه لک رپيا امداد جو اعلان ڪيو ويو آهي. حادثي ۾ فوت ٿيل 28 زائرين مان 10 جو تعلق لاڙڪاڻو، 6 جو تعلق ڪشمور، 4 جو خيرپور، 3 جو قمبر شهدادڪوٽ ۽ 3 جو تعلق ڪراچي سان آهي، جڏهن ته دادو ۽ ڄامشوري سان تعلق رکندڙ هڪ هڪ زائرين شهيدن ۾ شامل آهن. حادثي ۾ زخمي ٿيل 25 ڄڻن مان 8 جو تعلق لاڙڪاڻو، 5 جو قمبر شهدادڪوٽ، 4 جو خيرپور ۽ ٽن جو دادو سان آهي، جڏهن ته هڪ هڪ زائرين جو تعلق نوشهروفيروز، شڪارپور، ڪراچي، سيوهڻ ۽ بلوچستان سان آهي. بلاول ڀٽو زرداري جي درخواست تي وزيراعظم شهباز شريف روڊ حادثي ۾ فوت ٿيلن جا مڙهه ۽ زخمين کي آڻڻ لاءِ C-130 جهاز ايران روانو ڪيو آهي. سنڌ حڪومت ايئرپورٽ تان شهيدن جا مڙهه سندن اباڻن علائقن ۽ زخمين کي اسپتالن تائين پهچائڻ لاءِ ايمبولينس جو به بندوبست ڪيو آهي. زخمين کي ڪراچي منتقل ڪرڻ لاءِ ايئر ايمبولينس جو به بندوبست ڪيو ويو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه جي هدايتن تي توانائي واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه سکر ۽ جيڪب آباد ايئرپورٽن تي مڙهه وصول ڪرڻ لاءِ انتظام مڪمل ڪري ڇڏيو آهي.