حيدرآباد-21 آگسٽ (اي پي پي) سانگھڙ ضلعي ۾ ٻوڏ متاثرن کي امداد ڏيڻ لاءِ سافڪو ۽ جاز ڪيش ۾ معاهدو ٿي ويو. جنهن تحت ضلعي جي چئن يونين ڪائونسلن منصوره، نئون آباد، ڀِڙو ۽ تِلا شاهه ۾ سوئز ساليڊر ۽ سافڪو جي سهڪار سان 2022 جي ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ سندن معاشي سگهه وڌائڻ بابت 02 ڪروڙ 10 لک روپين جي مالي امداد جاز ڪيش ذريعي فراهم ڪئي ويندي. ان ڏس ۾ گذريل ڏينهن سافڪو هيڊ آفيس ۾ معاهدو ٿيو، جنهن تي سافڪو جي باني ۽ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سليمان جي ابڙو ۽ جاز ڪيش جي ريجنل مئنيجر عامر صابر ۽ فراز شڪيل صحيحون ڪيون. ان موقعي تي ڳالهائيندي سافڪو جي سربراهه سليمان جي ابڙو چيو ته شفافيت ۽ ٻوڏ متاثرن جي آسانيءَ خاطر جاز ڪيش ذريعي سڃاڻپ ڪارڊ جي بنياد تي امداد فراهم ڪئي ويندي، جنهن ۾ ٻي ڪنهن به ڪاغذي پوراءَ جي ضرورت نه پوندي. هن ٻڌايو ته اها امداد ٽن ڪيٽيگرين ۾ هوندي، جنهن ۾ چوپائي مال، ڪڪڙين جي پالنا ۽ گھريلو سطح تي سايون ڀاڄيون پوکڻ شامل آهي. هن چيو ته ٻوڏ متاثرن کي هيءَ امداد سندن علائقن ۾ جاز ڪيش جي نمائندن کان آسانيءَ سان ملي ويندي. جنهن مان هو پنهنجي ڪاروبار، مال متاع لاءِ رقم جو صحيح استعمال ڪندا ته نه رڳو پنهنجي پيرن تي بيهي سگھندا پر مستقبل ۾ ڪنهن به آفت واري صورتحال ۾ کين ڪنهنجي به اڳيان محتاج نه ٿيڻو پوندو. ان موقعي تي ڳالهائيندي جاز ڪيش جي ريجنل مئنيجر عامر صابر چيو ته اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته ڏورانهن علائقن جي ماڻهن کي سهولت فراهم ڪريون ته جيئن پنهنجون رقمون آسانيءَ سان حاصل ڪري سگھن.