لاڙڪاڻو- 20 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو، سيڪريٽري آبپاشي ظريف کيڙو، ايم پي اي مير نادر مگسي، ايم پي اي سردار خان چانڊيو ۽ ٻين سان گڏجي قمبر شهدادڪوٽ ضلعي پهچي حمل ڍنڍ جو دورو ڪيو جتي آبپاشي کاتي طرفان وڏي وزير کي چارٽ ذريعي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته حمل ڍنڍ پاڪستان جي سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ واقع آهي، حمل ڍنڍ لاڙڪاڻي شهر کان 58 ڪلوميٽر ۽ قمبر شهر کان 40 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي، حمل ڍنڍ جي ڊيگهه 25 ڪلوميٽر ۽ ويڪر 10 ڪلوميٽر آهي، حمل ڍنڍ جي سطحي ايراضي 2965 ايڪڙ يعني 1200 هيڪٽر فلڊ پروٽيڪٽو ايف پي بند جي برابر آهي، حمل ڍنڍ جو پاڻي تازو آهي ۽ پاڻي کيرٿر سلسلي جي جابلو علائقن مان ايندو آهي، حمل ڍنڍ ۾ پاڻي ڀرجڻ سان ايف پي بند ۽ ايم اين وي ڊرين جي هيڊ ريگيوليٽر کان منڇر ڍنڍ ڏانهن ڪڍيو ويندو آهي، حمل ڍنڍ جو پاڻي آر ڊي زيرو منڇر ڍنڍ ڏانهن وهندو آهي جيڪا اٽڪل 115 ڪلوميٽر پري آهي، ايم اين وي ڊرين جي هيڊ ريگيوليٽر تي گيج جو زيرو آر ايل 130.50 آهي، سال 2022ع جي ٻوڏ دوران هي 18.4 فوٽ يعني آر ايل 90-148 رڪارڊ ڪيو ويو هو، سال 2023ع دوران اين اين وي ڊرين جي هيڊ ريگيوليٽر تي آر ايل 3.3 فوٽ يعني آر ايل 80.133 تي رڪارڊ ڪيو ويو ۽ هاڻي صورتحال نارمل آهي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعليٰ سنڌ چيو ته هي برساتن جي موسم آهي، گذريل ڏهاڙن ۾ برساتون پيون، مان حمل ڍنڍ جو جائزو وٺڻ لاءِ هتي آيو آهيان، مون سان گڏ قمبر شهدادڪوٽ ۽ دادو ضلعي جا ايم اين اي، ايم پي اي ۽ پارٽي اڳواڻ ساڻ آهن، اسين سڀ ماڻهن سان گڏ بيٺا آهيون، حمل ڍنڍ وقت صورتحال تسلي بخش آهي ۽ هتي ايترو پاڻي ناهي، سڀئي ايم اين وي ڊرين جي شڪايت ڪندا آهن ته ٻوڏ کان پوءِ هتي ڪم ناهي ٿيو، ايم اين وي جي هڪ ڪڙ ليفٽ بئنڪ مڪمل طور تباهه آهي ۽ رائيٽ بئنڪ واري ڪڙ جي پوزيشن خراب آهي، هتي واپڊا جو جنرل مئنيجر آيو هو، منهنجي واپڊا چيئرمين سان به ڳالهه ٻولهه ٿي، هي وفاق جو پراجيڪٽ آهي جيڪو اڃان تائين مڪمل ناهي ٿيو، جنرل مئنيجر ٻڌايو ته 8.3 ارب روپين جو پراجيڪٽ ٻن سالن کان وفاقي حڪومت وٽ پيو آهي جيڪي منظور نه پيا ڪن، مان ميڊيا جي ذريعي چوان ٿو ته هن ڳالهه کي هاءِ لائيٽ ڪيو ته ايم اين اي وي ڊرين جو ڪم ناهي ٿيو، ايف پي بند تي پيل گهارن کي سنڌ حڪومت بند ڪيو ۽ انهن کي مٿي ڪيو، اسان سپريو بند کي مضبوط ڪيو آهي ۽ ايف پي بند کي مڪمل طور آرمر ڪيو آهي جتي ڪجهه ايرياز تي ڪم هلي پيو، ٻن سالن کان وفاقي حڪومت ايم اين وي ڊرين تي لپو به نه هنيو آهي پر هتي اسان جو 90 سيڪڙو ڪم مڪمل آهي، اسان تيار آهيون، رب کان دعا آهي ته برساتون رحمت ثابت ٿين نه ڪي زحمت ثابت ٿين. هن چيو ته چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري 24 ڪلاڪ رابطي ۾ آهن، گذريل رات به چيئرمين ۽ صدر مون سان رابطو ڪيو ۽ چيو ته توهان ماڻهن وٽ وڃو، مان صبح کان درياهن جي بندن جو دورو ڪري رهيو آهيان، موريا لوپ بند جي صورتحال ٿوري خراب هئي جتي آبپاشي کاتي وارن ڪم به ڪرايو آهي، مان بندن جو به معائنو ڪيو آهي مون کي ايم اين وي ڊرين تي ڳڻتي ضرور آهي، الله سائين خير ڪري جيڪڏهن پاڻي گهڻو آيو ته ايم اين وي ڊرين مسئلو ڪري ان لاءِ مان وزيراعظم سان به ڳالهائيندس ڇاڪاڻ ته هتي اچڻ تي ماڻهن ٻڌايو ته اين اين وي ڊرين جو پاڻي اوور ٽاپ ڪري سندن فصلن کي تباهه ڪري رهيو آهي جن کي اسان مشينري ڏني پر وفاق وٽ مشينري پهچائڻ جو ڪو طريقو به ناهي. مون ڄام خان شورو، چيف انجنيئر مختيار ابڙو ۽ سيڪريٽري کي هدايت ڪئي آهي ته هو وفاق جي خرچ تي فوري طور اتي مشينون پهچائي ڪڙن کي مضبوط ڪن ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهن جي فصل کي بچائي سگهجي.