حيدرآباد- 20 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته سنڌ بزرگن ۽ صوفين جي ڌرتي آهي جتان هميشه امن، ڀائيچاري ۽ محبت جو پيغام مليو آهي، اسان سڀ خوشنصيب آهيون جو اهڙي پياري ڌرتي اسان کي ملي آهي. اڄ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي عرس مبارڪ جو افتتاح ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز آهي، هتي اسان سنڌ جي خوشحالي لاءِ دعا ڪئي آهي. اهڙين خيالن جو اظهار هن عظيم صوفي بزرگ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي 281 هين عرس مبارڪ جي افتتاح ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي معيشيت ۾ سنڌ جو 90 سيڪڙو حصو آهي، هن صوبي ڏکئي صورتحال کي منهن ڏنو آهي جتي بجلي، پاڻي، گيس ۽ بهتر تعليم جا مسئلا آهن، جن جي حل لاءِ اڄ اسان دعا گهري آهي. پروردگار کان دعا آهي ته سڀ ملي ڪري هن ڏکئي وقت مان صوبي ۽ ملڪ کي ڪڍون. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي واپاري برادري لاءِ خوشخبري ڏيڻ چاهيان ٿو ته هو ٿورو صبر ڪن ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي معاشي ٽيم ڪم ڪري رهي آهي، جهڙي طرح اسان جو سپهه سالار عاصم منير سرحدن جي حفاظت ڪري رهيو آهي اهڙي طرح اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) ذريعي پاڪستاني معيشيت جي سڌاري لاءِ ڪوششون پڻ ڪري رهيو آهي. گورنر چيو ته صدر پاڪستان آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم پاڪستان محمد شهباز شريف به پاڪستاني معيشت جي مضبوطي لاءِ ڪوشش ڪن پيا ۽ انشاء الله جلد هي صوبو ترقي ڪندو ۽ ملڪ جي روانگي واپار ۾ ترقي ٿيندي ۽ سنڌ صوبو ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو. هي صوبو انفارميشن ٽيڪنالاجي جو ڳڙهه بڻجندو، گورنر هائوس ۾ پنجاهه هزار شاگرد گذريل 6 مهينن کان تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، فخر سان چوان ٿو ته انهن شاگردن مان ڪو 600 ته ڪو 800 ڊالر ڪمائي رهيو آهي، هي سلسلو هاڻ حيدرآباد ۾ شروع ڪيو آهي جنهن لاءِ ٽيسٽ ورتي آهي جنهن جو رزلٽ هڪ ٻن ڏينهن ۾ جاري ڪيو ويندو. هڪ سوال تي گورنر چيو ته هاڻوڪين برساتن جي نقصانن کي ڏسندي ڏک ٿيو آهي، برسات متاثرن جي مدد لاءِ سنڌ جي وڏي وزير ۽ وزيراعظم کي خط لکيو آهي. گورنر چيو ته سنڌ حڪومت سان ڪو مقابلو نه آهي اسان سڀني کي دعوت ڏيون ٿا ته هن صوبي جي ڀلائي لاءِ سڀ گڏجي ڪم ڪن، پيپلز پارٽي سان اختلافن بابت صحافي جي سوال تي هن چيو ته منهنجا صدر آصف علي زرداري سان پنجويهه سال پراڻا سٺا تعلقات آهن جڏهن ته ثقافت وارو صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه مون لاءِ ننڍن ڀائرن جهڙو آهي ۽ آئون عوامي گورنر آهيان.