ڪراچي-19 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ حڪومت منشيات جي تياري ۾ استعمال ٿيڻ وارين شين خلاف آپريشن جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي، ايڪسائيز اختياريون منشيات جي وڪري جي اطلاع تي اعليٰ قيادت جي منظوري کانپوءِ ڪنھن به گھر، ريسٽورنٽ يا پارٽي وغيره تي ڇاپو ھڻي سگهنديُون سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ايڪسائيز، نارڪوٽڪس ڪنٽرول ونگ جو اھم اجلاس ڪالهه ڪراچي ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ منشيات جي تياري ۾ استعمال ٿيڻ وارين شين خلاف ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏنو. صوبائي وزير ھدايتون ڏنيون ته منشيات ۾ استعمال ٿيڻ وارين شين رزل پيپر، رولنگ مشين، ميٿ پائيپ، گلاس پائيپ ۽ ٻين شين جي دڪانن تي وڪري تي پابندي کي يقيني بڻايو وڃي. ھن چيو ته دڪاندار، ايڪسائيز. نارڪوٽڪس ڪنٽرول ونگ سان سھڪار ڪن ۽ منشيات جي تياري ۾ استعمال ٿيڻ وارين شين جي وڪري کان پاسو ڪن. سنڌ جي سينئر وزير واضح ڪيو ته ڪنھن به نجي جاءِ، گھر، ھوٽل يا ريسٽورنٽ تي منشيات جي وڪري جو اطلاع مليو ته ڪارروائي ڪئي ويندي. ايڪسائيز اختياريون منشيات جي وڪري جي اطلاع تي اعليٰ قيادت جي منظوري کانپوءِ ڪنھن به گھر، ريسٽورنٽ يا پارٽي وغيره تي ڇاپو ھڻي سگھن ٿيون. سندس چوڻ ھو ته معاشري ۾ منشيات جو وڌندڙ لاڙو ڳڻتي جوڳي ڳالھ آھي، ملڪ جو نوجوان نسل متاثر ٿي رھيو آھي، منشيات خلاف آپريشن ۾ تيزي آندي وڃي، رينجرز ۽ پوليس مڪمل طور تي سھڪار ڪري رھي آھي. اجلاس ۾ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ايڪسائيز، ٽيڪسيشن، نارڪوٽڪس ڪنٽرول ونگ جي موبائلن کي مڪمل طور تي فعال ڪرڻ جون ھدايتون ڏنيون ۽ ڪراچي ۾ اھم ھنڌن تي ايڪسائيز کاتي جون چيڪ پوسٽون قائم ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ حڪم ڏنو ته منشيات جي روڪٿام لاءِ گوليمار، ملير، درخشان ۽ ھاڪس بي سميت ٻين اسٽريٽجڪ ھنڌن تي چوڪيون قائم ڪيون وڃن. اجلاس ۾ سيڪريٽري ايڪسائيز کاتو محمد سليم راجپوت آگاھي ڏني ته پوليس طرفان ايڪسائيز جي 216 جوانن جي ٽريننگ جاري آھي، 320 وڌيڪ آفيسر نارڪوٽڪس ڪنٽرول ونگ کي ڏنا ويا آھن. اجلاس ۾ سيڪريٽري ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول محمد سليم راجپوت، ڊي جي نارڪوٽڪس ڪنٽرول ونگ عثمان غني صديقي ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.