ڪراچي-19 آگسٽ (اي پي پي) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيڪڏهن وزيراعظم ڪراچي ايندو ته کيس جناح اسپتال وٺي ويندس ۽ آڇ ڪندس ته اسان کان مراد علي شاهه ۽ عذرا پيچوهو وٺي وڃو ۽ لاهور ۾ اهڙا ادارا بڻايو. هن چيو ته اسان سنڌ جي صحت جو ماڊل سمورن صوبن سان شيئر ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، اسان جي عملي ڪارڪردگي انهن ماڻهن لاءِ سڀ کان وڏو جواب آهي جيڪي چون ٿا ته سنڌ حڪومت کان ڪجهه نٿو ٿئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جناح اسپتال ۾ ٻن جديد وارڊن ۽ اسٽيٽ آف دي آرٽ سائبر نائف سهولتن جي افتتاح جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چونڊ مهم دوران شهباز شريف ڪجهه ڳالهين وغيره بابت ڳالهائي رهيو هو، آئون سنڌ جي وڏي وزير کي عرض ڪندس ته وزيراعظم شهباز شريف جڏهن ڪراچي اچي ته ان کي جناح اسپتال جو دورو ڪرايو وڃي، اسان کين آڇ ڪنداسين ته هو پنجاب ۾ اهڙيون اسپتالون ٺاهڻ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهن. هن چيو ته مراد علي شاهه اسان کان وٺي وڃو، عذرا پيچوهو کي وٺي وڃو ته جيئن لاهور ۾ به اهڙيون اسپتالون ٺاهي سگهجن. پيپلز پارٽي جي چيئرمين مخالفن تي به تنقيد ڪندي چيو ته اڄڪلهه سڀ چون ٿا ته سنڌ حڪومت ڪجهه نه ڪري رهي آهي. هن چيو ته انهن کان گڊ گورننس نٿي پڄي، ميگا پراجيڪٽ نٿا ٺاهين ۽ اسان جو عمل اهڙن ماڻهن لاءِ بهترين جواب آهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪراچي ۾ صحت جي ٽن وڏن ادارن مان سٺيون خبرون اچي رهيون آهن، ڪراچي جون اهي ٽي اسپتالون پاڪستان جا بهترين ادارا آهن. هن چيو ته ارڙهين ترميم تحت منتقلي کانپوءِ سنڌ حڪومت اين آءِ سي وي ڊي کي سڄي دنيا ۾ دل جي علاج جو هڪ وڏو نيٽ ورڪ بڻائي ڇڏيو آهي. اها دليل آهي ته ارڙهين ترميم تحت اختيار صوبن کي منتقل ٿيڻ سان بهتري ايندي. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ محترمه بينظير ڀٽو جي منشور ۾ شامل هئي. اسان جناح اسپتال ۾ انهن منصوبن سان توهان جي خواب کي پورو ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته سنڌ حڪومت اين آءِ سي وي ڊي کي بهترين اسپتال بڻائي ڇڏيو آهي، اين آءِ سي ايڇ نه رڳو سنڌ پر سڄي ملڪ جي ٻارن جو علاج ڪري رهيو آهي، ٽيلي ميڊيسن ذريعي گهرن ۾ ويهي ماڻهن کي طبي صلاحون ڏيڻ جو عمل ساراهه جوڳو آهي. سائبر نائيف علاج هڪ قيمتي علاج آهي. سائبر نائف سڄي دنيا ۾ مفت ۾ ڪينسر جو علاج نٿو ڪري. دنيا جا وڏا ادارا جي پي ايم سي جي خدمتن کي تسليم ڪرڻ شروع ڪري رهيا آهن. جناح اسپتال جو ريڊيولاجي ڊپارٽمينٽ دنيا جي 10 وڏين اسپتالن ۾ شامل آهي. هي سڀ سنڌ حڪومت، مريض امداد فائونڊيشن ۽ مخير حضرات جي ڪاميابي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مون کي اڄ معلوم ٿيو ته سائبر نائف جو علاج صرف سنڌ ۾ ٿي رهيو آهي. ڪينسر جو پيپ سي ٽي اسڪين به صرف جناح اسپتال ۾ مفت ڪيو پيو وڃي. مون کي اهو ٻڌي ڏک ٿيو ته پيپ سي ٽي اسڪين ٽيسٽ ٻين صوبن ۾ به وڏي قيمت تي ڪئي پئي وڃي، باقي صوبا مهانگو علاج ڪن ٿا ۽ پوءِ پرائيويٽ ڪمپنينن کي هيلٿ ڪارڊ ذريعي فائدو پهچائين ٿيون، جڏهن ته اسان وٽ پاڪستان جي 167 شهرن جي ماڻهن جو مفت علاج صرف جناح اسپتال ۾ ٿئي ٿو.