ڪراچي -19 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه دادو شهر ويجهو دادو ڪينال ۾ گهارو پوڻ جو نوٽيس وٺندي آبپاشي کاتي کي گهارو جلد بند ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. جاري ڪيل پڌرائي موجب وڏي وزير کي آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري ظريف کيڙو پيش ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ته گذريل رات مسلسل برسات سبب دادو ڪينال جي اڀرندي بند ۾ گهارو پيو، آبپاشي کاتي سنڌو درياهه جي صورتحال سبب نئون ديرو ويجهو دادو ڪينال ۽ ايم اين وي واهه کي بند ڪري ڇڏيو. آبپاشي واري سيڪريٽري وڌيڪ ٻڌايو ته ٻن هنڌن تي گهارو بند ڪيو ويو پر برسات سبب آرڊي 604 تي ٽيون گهارو پيو. وڏي وزير آبپاشي کاتي کي گهارو جلد بند ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. هن وڌيڪ هدايتون ڏنيون ته بندن تي پيٽرولنگ وڌائي پوري مانيٽرنگ ڪئي وڃي ۽ عوام جي جان، مال ۽ فصلن جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي. اي پي پي/ ص – ب/ م – ش/ ج – پ 13:48