ڪراچي – 91 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پير ڳوٺ ۾ کير پيئڻ سبب 2 ٻارن سميت 6 ڄڻن جي فوت ٿيڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي ڪمشنر ۽ ڊي آءِ جي سکر کي جاچ ڪري تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. سي ايم هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ هن پير ڳوٺ ۾ ٿيل واقعي تي انتهائي افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته جاچ مختلف رخن کان ڪئي وڃي ته کير زهريلو ڪيئن ٿيو، اهو ڪٿان کان آندو ويو هو، ان سلسلي ۾ غفلت، دشمني ۽ ٻين شين کي به نظر ۾ رکيو وڃي. وڏي وزير لاڳاپيل اختيارين کي فوتين جي پوئينرن سان هر طرح جي مدد ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي.