ڪراچي-16 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ جي تعليم ۽ معدنيات جي ترقي واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ استادن جي حاضري بابت مانيٽرنگ سسٽم کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو پيو وڃي، اسڪول مان غير حاضر ۽ نه پڙهائڻ وارن استاد کي برداشت نه ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ جي تعليم کاتي جي انتظام هيٺ ملير ضلعي ۾ داخلا مهم جي حوالي سان منعقد جاڳرتا ريلي جي اڳواڻي بعد ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو. داخلا مهم جي سلسلي ۾ جاڳرتا ريلي جي شروعات ڪراچي جي ضلعي ملير ۾ واقع گورنمينٽ رزاق آباد ڪاليج کان ٿي جڏھن ته پڄائي گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪول رزاق آباد تي ٿي. ان موقعي تي سيڪريٽري تعليم سنڌ زاهد علي عباسي، ملير جي چونڊيل نمائندن جنھن ۾ وڏي وزير جو خاص مددگار سليم بلوچ، ايم پي اي ساجد جوکيو، ايم پي اي راجا رزاق، ايم پي اي يوسف مرتضيٰ بلوچ سميت پيپلز پارٽي جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، جڏهن ته يونيسيف جي نمائندن کان علاوه جاپان انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي (جائڪا) ۽ ٻين عالمي ادارن جي نمائندن، سماجي شخصيتن، تعليم دوست ماڻهن، ضلعي تعليم آفيسرن، استادن، شاگردن ۽ علائقي واسين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ريلي جي موقعي تي شرڪت ڪندڙن پاران بينرز ۽ پلي ڪارڊ کنيل هئا جن تي تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ سان گڏ شرڪت ڪندڙن ”پڙهندي سنڌ ته، وڌندي سنڌ“ ۽ تعليم جي اھميت بابت ٻيا نعرا پڻ هنيا ويا. ريلي ۾ صوبائي وزير تعليم سنڌ سيد سردار علي شاھ سان گڏ شاگردن ۽ شاگردياڻين ريلي ۾ حصو ورتو. ان موقعي تي سنڌ جي تعليم واري وزير چيو ته ملڪ جو آئين تعليم کي بنيادي حق سمجهي ٿو ۽ آئين موجب 5 کان 16 سالن جي هر ٻار کي تعليم ڏيارڻ رياست جي ذميواري آهي، هن چيو ته رياست سان گڏ هڪ اهم ذميواري والدين جي به آهي ته هو تعليم کاتي تي يقين ڪندي پنهنجن ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرائين, ھن چيو ته اڄ اسان اسڪولن ۾ داخلا جي باقائده شروعات ڪري رھيا آھيون، سيد سردار علي شاهه چيو ته هن سال اسان سرڪاري اسڪولن ۾ نين داخلائن جو تناسب 8 کان 9 لک جي ويجهو رکيو آهي، سنڌ ۾ هن وقت 52 لک شاگرد پڙهي رهيا آهن، داخلا مهم کي وڌيڪ موثر بڻائيندي ھلندڙ سال تعداد 60 تائين پهچائينداسين. صوبائي وزير چيو ته هن وقت سنڌ ۾ ھاڻي استادن جي کوٽ سبب ڪو به اسڪول بند ناهي ۽ اسان وٽ هاڻي ڪو به اسڪول استاد کان خالي نه رهيو آھي، صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه چيو ته کاتي جي ذميوارين ۾ اسڪولن ۾ سٺو ماحول فراهم ڪرڻ به شامل آهي پر سٺي ماحول کان وڌيڪ ضروري آهي ته اسڪول ۾ هڪ سٺو استاد فراهم ڪرڻ گهرجي، اسان سٺا استادن جي ڀرتي ڪرڻ جي ذميواري به پوري ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته کاتي پاران سائنس استادن، ميوزڪ استادن جي ڀرٿين جي لاءِ جلد اعلان ڪيو ويندو. سيد سردار شاهه چيو ته غير حاضر رهڻ ۽ ٻارن کي نه پڙهائڻ وارن استادن کي برداشت نه ڪنداسين. ان سلسلي ۾ استادن جي مانيٽرنگ جو نظام مضبوط ڪيو آهي جڏهن ته استادن جي حاضري کي يقيني بڻائڻ لاءِ سماج به اسان جو ساٿ ڏي. صوبائي وزير چيو ته اڄ کان اسڪولن ۾ ٻوٽا پوکڻ جي شروعات پڻ ڪري رهيا آهيون، هاڻي هيڊماسترن جي ڪي پي آئيز ۾ ٻوٽا لڳائڻ به شامل هوندو. درسي ڪتابن جي حوالي سان پڇيل سوال تي هن چيو ته مشڪلاتن باوجود 138 تعلقن ۾ درسي ڪتاب پهچايا ويا آهن، درسي ڪتاب ۾ دير جو ھڪ سبب نگران حڪومت دور ٿيندڙ سستي پڻ آھي تنھن باوجود اسان ھمٿ ڪري نه صرف ڪتاب ڇپايا پر ورھائڻ جو سلسلو پڻ جاري آھي، هن چيو ته پاڻ به ڪتابن جي نگراني لاءِ اسڪولن ۾ وينداسين ۽ ان ڏس ۾ مارڪيٽ جو دورو پڻ ڪيو ويندو. سيد سردار علي شاهه چيو ته اسڪولن ۾ گرمي ۽ بجلي جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ اسڪولن کي سولرائيزيشن ڪرڻ جي منصوبي تي ڪم پڻ جاري آهي. بعد ۾ صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه اسڪول جي احاطي ۾ ٻوٽو لڳائي اسڪول وڻڪاري مهم جي شروعات به ڪئي.