اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي پاڙن کي کوکلو ڪندڙ نظام کي حڪومت تبديل ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪيو آهي، 2300 ارب رپين جي گردشي قرضن جي صورت ۾ وڏي بار ۽ بي پناهه نقصانن سان ملڪ نه ٿو هلي سگهي، نه رڳو گهريلو صارفين کي پر زراعت، صنعت، اسپورٽس، دڪاندارن سميت سمورن طبقن جي لاءِ بجلي جون قيمتون گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان ڀرپور ڪوششون جاري آهن، لاڳت گهٽ ٿيڻ سان ئي روانگي واپار وڌي سگهي ٿو، بجلي جي قيمت ۾ گهٽتائي ۽ نظام جي بهتري سان اسان جي معيشت ترقي ڪندي، نئين مقرر ٿيندڙ چيئرمينز ۽ بورڊ ميمبرن جو سڀ کان وڏو چئلينج بلن ۾ هيراڦيري کي روڪڻ آهي. اها ڳالهه هن بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي نئين چيئرمينز ۽ بورڊ ميمبرن جي اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي وفاقي ڪابينا جا ميمبر، وفاقي سيڪريٽريز ۽ ٻيا سينيئر آفيسر پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته هو سڀني کي مبارڪباد ڏي ٿو ۽ انهن جا ٿورا ادا ڪري ٿو ته توهان سڀني ان اهم ڪم جي لاءِ وقت ڪڍيو ۽ اها ذميواري سنڀالي، اها هڪ وڏي ذميواري ۽ اهم قومي خدمت آهي، بدقسمتي سان ڊسڪوز جي حوالي سان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڪارڪردگي ساراهه جوڳي ناهي رهي ۽ ان جا بي شمار سبب آهن، ڊسڪوز ۾ بدانتظامي ۽ ڪرپشن چنبڙي وئي آهي، توهان قابل احترام پاڪستاني آهيو ۽ پنهنجي شعبن ۾ توهان اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. وزيراعظم چيو ته آزادي جو ڏهاڙو اچي رهيو آهي، آئون سمجهان ٿو ته اهو ان حوالي سان به مبارڪباد لائق آهي ته اسان پنهنجي ڊسڪوز ۾ سڌارا ڪري ۽ سٺن ماڻهن جي مقرري ڪري آزادي جي ڏهاڙي جي خوشين ۾ اضافو ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته کيس پورو يقين آهي ته نوان چيئرمينز ۽ بورڊ ميمبر پنهنجي نئين ذميوارين ۾ پوري طرح ڪامياب ٿيندا ۽ قومي خدمت جو فرض بهتر طريقي سان نڀائيندا. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ بجلي جي نظام کي تمام وڏا بلڪه انتهائي سخت چئلينجز درپيش آهن، منهنجي نظر ۾ جيڪڏهن اسان بجلي جي ان نظام کي بهتر ڪرڻ ۽ ان ۾ جيڪي تبديليون ۽ سڌارا آهن اهي آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين ته پاڪستان جي معيشت الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان تمام تيزي سان اڳتي وڌندي، ان لاءِ اسان کي تياري ڪرڻي پوندي ۽ ڏينهن رات محنت ڪرڻي پوندي ۽ ذاتي پسند ناپسند کان مٿانهون ٿي اسان کي پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻيون پونديون. وزيراعظم چيو ته ان سڄي عمل ۾ ڪيترائي مهينا لڳا آهن، آئون بنا ڪنهن خوف ۽ ترديد جي چئي سگهان ٿو ته ان عمل ۾ مون سميت سردار اويس لغاري، پاور واري سيڪريٽري ۽ موجوده ايف بي آر چيئرمين راشد لنگڙيال ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن گڏجي مقررين جي ان اهم ۽ تمام وڏي فرض کي بهتر طريقي سان ادا ڪيو، اسان ڪوشش ڪئي ته ميرٽ ۽ شفاف طريقي سان اهي مقرريون عمل ۾ آنديون وڃن ته جيئن تباهي کي منهن ڏيندڙ ڊسڪوز ۾ بهتري آڻي اسان انهن جي آئوٽ سورسنگ ۽ نجڪاري طرف وڌون، مون کي پوري اميد آهي ته نوان مقرر ٿيندڙ چيئرمينز ۽ بورڊ ميمبر ان نيڪ ڪم ۾ جوان جذبي سان ڪم ڪندا. وزيراعظم چيو ته جن ڊسڪوز ۾ دير ٿي آهي اتي قانوني چاره جوئي جو سلسلو جاري آهي، اميد آهي ته اهو جلد پڄاڻي تي پهچندو. هن چيو ته هڪ اندازي موجب هر سال 500 ارب رپين جي بجلي چوري ٿئي ٿي ۽ اهو سڀ ملي ڀڳت سان ٿي رهيو آهي، ڊسڪوز ۾ تمام سٺا سٺا آفيسرز به آهن پر جن انهن ڊسڪوز کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي انهن جي به ڪا کوٽ نه آهي. وزيراعطم چيو ته نئين مقرر ٿيندڙ چيئرمينز ۽ بورڊ ميمبرن جو سڀ کان وڏو چئلينج بلن ۾ هيراڦيري کي روڪڻ آهي، وزارت ڏينهن رات محنت ڪئي آهي، ڪهڙي طرح ان نظام ۾ سڌارا ۽ ڍانچاجاتي تبديليون آڻڻيون آهن، توهان ان حوالي سان فٽ سولجرز آهيو ۽ توهان سڀني کي پنهنجي بهترين صلاحيتن کي استعمال ۾ اڻڻو آهي، حڪومت جو 100 سيڪڙو اهو فيصلو آهي ته اسان کي ان نظام کي تبديل ڪرڻو آهي جنهن پاڪستان جي پاڙن کي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي، هن وقت 2300 ارب رپين جو گردشي قرض آهي، گذريل سال اسان جون مجموعي اوڳاڙيون 9.3 ٽريلين رپيا هيون، گردشي قرض اسان جي مجموعي اوڳاڙين جو هڪ ڀاڱي ٽي حصو آهي، اسان کي سوچڻو آهي ته هي ملڪ ايتري وڏي بار ۽ بي پناهه نقصانن سان گڏ هلي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته لائين لاسز، ڪمزور ٽرانسميشن نظام ۽ ٻيا مسئلا به آهن، اسان کي فوري طور تي ٽي چار ڊسڪوز ۾ سمارٽ ميٽرنگ جو پائليٽ پراجيڪٽ آڻڻ گهرجي، ان جي ذريعي اسان نظام ۾ خرابي تي ضابطو آڻينداسين، ان حوالي سان اسان تيزي سان ڪم ڪري رهيا آهيون، چين سان اسان جي ڳالهه ٻولهه جاري آهي، ڪوئلي سان هلندڙ پاور پراجيڪٽس کي مڪس ڪول سان هلائينداسين، ان سان درآمدي ڪوئلي جي مد ۾ ساليانو هڪ ارب ڊالر جي بچت ٿيندي، چين سان ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه حوصلي جوڳي آهي. وزيراعظم چيو ته درآمدي ٻارڻ سان هلندڙ منصوبا بند پيل آهن ۽ پگهارن ۽ مراعتن جي نالي تي اربين رپيا ڏنا پيا وڃن، ڪجهه پلانٽس اسڪريپ ٿي چڪا آهن، هي اهي چئلينجز آهن جيڪي پاور سيڪٽر کي درپيش آهن، اسان نواز شريف جي قيادت ۾ ايل اين جي پلانٽس هنيا هئا، نيپرا جي ٽيرف جي مقابلي ۾ اڌ ٽيرف تي اهي پلانٽس هنيا ويا هئا جڏهن ته مرمت ۽ ٻيا معاهدا جدا آهن، جنهن ڪم جو فيصلو ڪيو وڃي الله تعاليٰ رستا ڪڍي ٿو پر جيڪڏهن نيت سٺي نه هجي ته مقدر ۾ تباهي هوندي آهي، اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته سٺي نيت سان ڪم ڪرڻو آهي، مون کي اميد آهي ته توهان ٽيم جي طور تي ڪم ڪري بجلي جي شعبي کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. وزيراعظم چيو ته حڪومت نه رڳو گهريلو صارفين پر زراعت، صنعت، اسپورٽس، دڪاندارن سميت سمورن طبقن جي لاءِ بجلي جون قيمتون گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي ته جيئن معيشت ترقي طرف وڃي سگهي، جيستائين بجلي جي قيمت ۽ لاڳت گهٽ نه ٿيندي اسان جو روانگي واپار وڌي نه ٿو سگهي، بجلي جي قيمت ۾ گهٽتائي ۽ نظام جي بهتري سان اسان جي معيشت ترقي ڪندي، حڪومت، ايس آءِ ايف سي ۽ سمورا ادارا ان حوالي سان ڪم ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته جيڪي ماڻهو ان ڪم کي ڪاميابي سان همڪنار ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪندا اهي قومي هيروز هوندا، جيڪي ماڻهو ۽ ڊسڪوز پنهنجي ڪارڪردگي بهتر نه بڻائيندا انهن کي نه بخشيو ويندو، ان تي ڪو ٺاهه نه ٿيندو، اهو هڪ واضح پيغام آهي، اسان جو پورو ڌيان ۽ توانائيون پاڪستان کي بهتر بڻائڻ ۾ لڳي رهيون آهن، جيڪي ماڻهو بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندا انهن جي خدمتن جو اعتراف ٿيندو.