اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا نجڪاري ڪميشن بورڊ جي ميمبرن جي انگ کي 8 مان وڌائي 11 ڪرڻ، اضافي شده سيٽن تي رڳو عورتون مقرر ڪرڻ، فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن، اسلام آباد جي ڏهاڙي اجرت تي ڪم ڪندڙ استادن کي ريگيولرائيز ڪرڻ جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد ۽ پاڪستان ۽ ايڪواڊور جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جي معاهدي تي صحيحون ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي جڏهن ته يوريا ڀاڻ ٺاهيندڙ ڪارخانن کي گئس جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائڻ ۽ لاڳاپيل ادارن کي يوريا ڀاڻ جي قيمتن کي وڌڻ کان روڪڻ جي لاءِ هر قسم جا قدم يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وفاقي ڪابينا نجڪاري ڊويزن جي سفارش تي نجڪاري ڪميشن بورڊ جي ميمبرن جي انگ کي 8 مان وڌائي 11 ڪرڻ جي منظوري ڏني، وزيراعظم عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ملڪ ۾ اهم بورڊز ۾ عورتن جي نمائندگي جي هدايت ڪئي هئي. وزيراعظم جي ويزن تحت بورڊ جي ٽن نئين ميمبرن جي سيٽن تي رڳو عورتن کي مقرر ڪيو ويندو. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 2 آگسٽ 2024ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلي تي هدايت ڪئي ته يوريا جي درآمد بدران سيپٽمبر 2024ع کانپوءِ به پاڪستان ۾ يوريا ڀاڻ ٺاهيندڙ ڪارخانن کي گئس جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي وڃي. ڪابينا لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته يوريا ڀاڻ جي قيمتن کي وڌڻ کان روڪڻ جي لاءِ هر قسم جا قدم يقيني بڻايا وڃن. زراعت ملڪ جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي. آبادگارن جي في ايڪڙ لاڳت کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ زرعي ان پٽس جي اگهن ۾ گهٽتائي يقيني بڻائي وڃي. وفاقي ڪابينا نجڪاري بابت ڪميٽي جي 2 آگسٽ 2024ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪري ڇڏي. جڏهن ته وزيراعظم وڌيڪ هدايت ڪئي ته جن ايس او ايز جي نجڪاري جي لاءِ منظوري ٿي چڪي، انهن جي نجڪاري جو ٺوس پلان ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيو وڃي. وفاقي ڪابينا تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت جي سفارش تي فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن، اسلام آباد جي ڏهاڙي اجرت تي ڪم ڪندڙ استادن کي ريگيولرائيز ڪرڻ جي حوالي سان اعليٰ عدليه جي فيصلي تي عملدرآمد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا پرڏيهي وزارت جي سفارش تي پاڪستان ۽ جمهوريه گوئٽي مالا جي پرڏيهي وزارت جي وچ ۾ سياسي مشاورت جي حوالي سان نئين مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا پرڏيهي وزارت جي سفارش تي پاڪستان ۽ ايڪواڊور جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جي معاهدي تي صحيحون ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا سرڪاري ملڪيتي اداري بابت ڪابينا ڪميٽي جي 5 آگسٽ 2024ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 31 جولاءِ 2024ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪري ڇڏي.